سي پيڪ تي خدشا ضرور آهن، جيڪي وقت اچڻ تي ٻڌائينداسين: مراد علي شاهه
January 27, 2017 at 7:30 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڄامشورو(رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ميئر کي قانون ۽ آئين تحت اختيار ڏنا ويا آهن، اهو استعمال ڪري سگهي ٿو، جيڪڏهن ميئر ڪراچي ڪم ڪرڻ چاهي ٿو ٿه اسان کي اعتراض ناهي، وڏي وزير چيو ته سيپڪو ۽ حيسڪو عوام کي بجلي فراهم نه ڪئي ته سخت ايڪشن وٺنداسين ڇو جو سڀ کان وڌيڪ بجلي سنڌ پيدا ڪندي آهي، پوءِ به هن سياري جي موسم ۾ ئي گهڻي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته وفاق پنهنجي ادارن ۾ صوبن کي نمائندگي نٿو ڏئي جيڪو غلط عمل آهي، سي پيڪ رٿا سنڌ ۽ پاڪستان لاءِ بهتر آهي پر اسان کي خدشا ضرور آهن، جيڪي وقت سر ٻڌائينداسين، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ لاءِ سنڌ جا حق وٺڻ لاءِ ڳالهيون هلن ٿيون، جنهن بابت گڏجاڻيون به هلندڙ آهن. هن چيو ته سي پيڪ رڳو هڪ روڊ، لائين يا هاءِ وي واري رٿا ناهي، پر هڪ ٽريڪ آهي، جنهن ذريعي چائنا جي ويسٽ کي سمنڊ سان ڳنڍيون، جيڪو گوادر جو به پلان آهي، جنهن رٿا جي منظوري آصف علي زرداري جي صدارت واري دور ۾ پ پ پ جي حڪومت ۾ ٿي هئي، بلوچستان ۾ گوادر پورٽ، ٿر ۾ بجلي، ونڊ پاور ۽ اهڙا ٻيا منصوبا سي پيڪ ۾ شامل آهن، هن چيو ته آصف علي زرداري وزيراعظم نواز شريف کي چيو ته جيئن توهان لاهور ۾ ميٽرو اورينج رٿا آڻي رهيا آهيو، اهڙي ريت ڪراچي واسين لاءِ به رٿا ڏيو، جنهن کانپوءِ ڪراچي سرڪلر ريلوي واري رٿا سي پيڪ ۾ شامل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون، ان جي فنڊنگ لاءِ ڪوششون وٺي رهيا آهيون، چاهيون ٿا ته هن سال ڪم شروع ٿي وڃي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آدمشماري واري فارم ۾ سنڌي ٻولي جو خانو آهي، اسان چاهيون ٿا ته شفاف نموني آدمشماري ٿئي، جنهن ۾ ايمانداري سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، سي پيڪ کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ پوري ڪوشش ڪنداسين ته جيئن ملڪ فائدو وٺندي