سي پيڪ بابت آمريڪي خدشن سان اتفاق نٿا ڪريون: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم جي سُڌ سماءُ  بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سي پيڪ عظيم منصوبو آهي ۽ اُن سان خطي ۾ خوشحالي جا نوان رستا نڪرندا، آمريڪي خدشن سان اتفاق نٿا ڪريون.2 ڏينهن اڳ آمريڪي پرڏيهي وزير جي نائب معاون ايلس ويلز سي پيڪ جي حوالي سان بيان ڏيندي چيو هو ته چين مختلف ملڪن کي اهڙا معاهدا ڪرڻ تي مجبور ڪري رهيو آهي، جيڪي اُنهن جي مفادن وٽان به نه آهن.پاڪستان کي چين کان سي پيڪ يعني چين پاڪ اقتصادي راهداري جي شفافيت سوڌو ٻين مامرن تي سخت قسم جا سوال ڪرڻ گهرجن.ان حوالي سان فردوس عاشق اعواڻ چيو ته چين اسان  جو ويجهو دوست آهي. آزمائش جي هر گهڙي ۾ چين هميشه پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. ماکي کان مٺي،  هماليه کان اوچي ۽ سمنڊ کان گهري پاڪ چين دوستي دنيا ۾ هڪ مثال بڻجي چڪي آهي.سي پيڪ تحت اقتصادي زونن جي قيام سان عوام جي لاءِ خوشحالي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *