سي ٽي ڊي جي ڪاروائي، مڇر ڪالوني ۾ پوليس مقابلو ٽي دهشتگرد مارجي ويا

ڪراچي (اين اين آءِ)ڪراچيءَ ۾ دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام بڻائي پوليس پابندي مڙهيل تنظِيم لشڪر جھنگوي جي قاري شاڪر گروپ سان تعلق رکندڙ ٽي خطرناڪ دهشتگردن کي مقابلي ۾ ماري وڌو. جڏهن ته چار دهشتگردن کي گرفتار ڪري انهن وٽان وڏي انگ ۾ هٿيار بم ۽ ٻيو بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي، گرفتار جوابدارن جو ڀارتي ڳجھي ايجنسي را ۽ افغان انٽيليجنس ايجنسي اين ڊي ايس سان تعلق هيو. اها ڳالهه ڊي آئي جي سي ٽي ڊي عامر فاروقي ايس ايس پي عمر فاروق ڊي آئي جي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌائي، هن ٻڌايو ته ڊاڪس جي علائقي ۾ مڇر ڪالوني سي ٽي ڊي پوليس لائين دهشتگردي جي ڳجھي اطلاع تي ڇاپو هنيو، پوليس کي ڏسندي ئي دهشتگردن فائرنگ شروع ڪري ڏني ۽ ٻنهي طرفان وڏي دير تائين فائرنگ جي ڏي وٺ جاري رهي، مقابلي جي دوران ٽن دهشگردن کي ماري انهن وٽان بم ۽ وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا آهن، جڏهن ته چئن دهشتگردن کي گرفتار ڪري انهن کان پڇا ڳاڇا لاءِ اڻ ڄاتل هنڌ تي منتقل ڪيو ويو مارجي ويل ۽ گرفتار ٿيل دهشتگرد شهر ۾ وڏي ڪاروائي ڪري رهيا هئا. ذريعن موجب جوابدار مڇر ڪالونيءَ جي وڏي آبادي جو فائدو وٺندي روپوش هيا. جڏهن ته گرفتار ٿيل جوابدارن کان گذريل ڏينهن ڪراچي سينٽرل جيل مان فرار ٿيل لشڪر جھنگوي جي ٻن قيدين جي حوالي سان جاچ جاري آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *