راولپنڊي (اين اين آءِ) سيڪيورٽي فورسز فاٽا، خيبرپختونخواهه ۽ اسلام آباد ۾ دهشتگردي جي وڏي ڪوشش ناڪام بڻائيندي افغانستان ۾ آيل ٻن دهشتگردن کي قتل ڪري ڇڏيو قبضي مان آپگهاتي جيڪٽ، تيار ٿيل ريموٽ ڪنٽرول باردي سرنگهون ريموٽ رسيور ڊيٽونيٽر ۽ مواصلاتي اوزار هٿ ڪري ورتا سومر تي آءِ ايس پي آر مطابق آپريشن ردالفساد ڪاميابي سان جاري آهي سيڪيورٽي فورسز فاٽا، خيبرپختونخواهه ۽ اسلام آباد ۾ دهشتگردي جي وڏي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي ڳجهن اطلاعن جي بنياد تي باجوڊ ۾ ڪامياب اپريشن ڪري ٻن آپگهاتي بمبارن جو پتو لڳايو ويو جيڪي افغانستان مان دره ڪاغا جي رستي پاڪستان جي باجوڙ ايجنسي ۾ داخل ٿي رهيا هئا سيڪيورٽي فورسز افغانستان مان تحريڪ طالبان پاڪستان جي دهشتگردن کي باجوڙ ايجنسي ويجهو گهيري م آڻي ورتو. بمبارن فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر سيڪيورٽي فورسز جي هٿان مارجي ويا.