سيوهڻ ۾ ٿيندڙ آپگهاتي حملي دوران شهيد ٿيندڙن ۾ 11 ڄڻا نوري آباد واسي به شامل

نوري آباد(م ڊ)  سيوهڻ ۾ حضرت لعل قلندر شهباز جي روضي ۾ ٿيل خودڪش ڌماڪي ۾ شهيد ٿيلن مان ۱۱ ڄڻن جو تعلق نوري آباد سان آهي. نوري آباد مان ۲۰ ڄڻن کي مٿي عورتون، مرد ۽ ٻار سيوهڻ زيارت لاءِ ويا. خودڪش ڌماڪي کانپوءِ اها غائب هئا. جن مان ۱۱ ڄڻن عطاءِ الله عرف مينگل پالاري، شبير ولد ابراهيم پالاري، ميرزادي، ظهوران، زينب زال شمس الدين، سمرين زال قمر، راڄ ٻائي ڌي گل جان پالاري، اڪان، مرادي زال امتياز، سائرا، بوبا زال چينسر پالاري جي لاشن جي سڃاڻپ ٿي آهي. جڏهن ۹ ڄڻا زخمي آهن. جيڪي مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. خودڪش ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل عورتن، ٻارن ۽ مردن جا لاش نوري آباد لڳ ڳوٺ نواب پالاري ۽ ڳوٺ براهيم پالاري ۾ پهچڻ تي ڳوٺن ۾ ڪهرام مچي ويو آهي. هوڏانهن نواز ليگ سنڌ جي صوبائي نائب صدر ملڪ چنگيز خان سيوهڻ سانحي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي. خودڪش ڌماڪي کانپوءِ ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن کي فوري طبي امداد نه ملڻ تي وڏي انگ ۾ ماڻهو شهيد ٿيا آهن.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *