سيوهڻ شريف واقعو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي عبدالحفيظ بندراڻي جي ڳولا

ڪراچي (اين اين آءِ) سيوهڻ شريف واقعي کانپوءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا هڪ اهڙي شخص جي ڳولا ڪرڻ  ۾ مصروف آهن جنهن تي لال قلندر شهباز جي مزار ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۾ ملوث هجڻ جو شڪ آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي شڪ آهي ته عبدالحفيظ بندراڻي آپگهاتي حملي آور جي سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪيو هوندو. مختلف واقعن ۽ شڪي ماڻهن مان ورتل ڄاڻ ۾ عبدالحفيظ جو نالو سامهون اچي رهيو آهي. عبدالحفيظ پندراڻي هلندڙ سال 18 جنوري تي شيخوپوره ۾ مارجي ويو هو، لشڪر جهنگوي جي سربراهه آصف ڇوٽو جو اهم ساٿي آهي ان جو نالو سي ٽي ڊي سنڌ جي انتهائي گهربل دهشتگردن تي ٻڌل ريڊ بڪ جي صفحي نمبر 57 تي داخل آهي. سي ٽي ڊي سنڌ جي ريڊ بڪ موجب عبدالحفيظ پندراڻي عرف علي شير جي عمر 35 سال آهي ۽ هو ضلعي شڪارپور جي ڳوٺ عبدالخالق پندراڻي جو رهواسي آهي. هن جو اباڻو تعلق بلوچستان جي علائقي مستونگ سان آهي، جڏهن ته ڪافي عرصي کان خانپور ويجهو هڪ علائقي ۾ رهائشي آهي. سندس تعلق پابندي وڌل لشڪر جهنگوي بلوچستان سان آهي هو سنڌ ۾ ٿيل دهشتگردي جي ڪيترن ئي وڏين وارداتن ۾ آصف ڇوٽو سان گڏ شامل رهيو آهي. 31 جنوري 2015 تي شڪارپور ۾ ڪربلا مولا ۾ جمعي جي نماز دوران آپگهاتي حملو ڪيو ويو جنهن ۾ 60 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿيا هئا ان حملي جو ماسٽر مائنڊ به پابندي مڙهيل تنظيم لشڪر جهنگوي جو آصف ڇوٽو هو جنهن کي مقامي طور تي عبدالحفيظ بروهي نالي شخص مڪمل سهڪار فراهم ڪيو هو ان واقعي ۾ ملوث خليل احمد نالي شخص کي سي ٽي ڊي حراست ۾ ورتو هو جيڪو هن وقت جيل ۾ آهي. خليل احمد جي انٽرو گيشن رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو هو ته ان جي ملاقات عبدالحفيظ پندراڻي سان 2009 ۾ افغانستان ۾ ٿي، ڪربلا مولا ۾ آپگهاتي حملو ڪندڙ الياس کي به عبدالحفيظ ئي عبدالخالق پندراڻي ڳوٺ ۾ رهايو هو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *