سيوهڻ سانحي جي جاچ کان سواءِ تنقيد ڪئي وئي، ڏکئي وقت ۾ ڪم اچبو آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سيوهڻ ڌماڪو ڪندڙ آپگھاتي بمبار جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي، جيڪو سنڌ سان تعلق نه ٿو رکي، هن سيوهڻ اسپتال ۾ موجود طبي سهولتن تي تنقيد کي رد ڪيو، سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته اسان وٽ ذريعا نه آهن جو سيوهڻ ۾ هزار بسترن جي اسپتال ٺاهيون، اتي 50 بسترن جو اسپتال وڏي وقت کان موجود آهي، ايترو وڏو واقعو ڪراچيءَ ۾ به ٿئي ها ته  ڏکيون حالتون پيدا ٿين ها، مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سيوهڻ بابت ماڻهن بنا جاچ تنقيد ڪئي، ڌماڪو ستين وڳي ٿيو، مون کي 4 منٽن کان پوءِ اطلاع مليو، ڌماڪي جي چند منٽن کان پوءِ ايمبولينسون پهچي ويون هيون، اهڙي ڏکئي وقت دوران ساٿ ڏنو ويندو آهي ۽ مدد ڪئي ويندي آهي، تنقيد ناهي ڪئي ويندي، وڏي وزير چيو ته ڌمال وقت مزار جي بجلي لوڊشيڊنگ جي ڪري بند هئي، سانحي ۾ 181 ماڻهو شهيد ٿيا، ڪجھه گم آهن، مري ويندڙ ۽ زخمي ٿيندڙن کي امداد ڏيڻ جي لاءِ ڪاغذ تيار ڪري ورتا آهن، ڪراچي دهشتگردن جي نشاني تي آهي، اڄ صبح به هڪ ڪارروائي ناڪام بڻائي وئي آهي، هڪ دهشتگرد ماريو ويو آهي، جنهن وٽان هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن.36

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *