سيوهڻ سانحو سنڌ سرڪار لاءِ چئلينج!
February 19, 2017 at 11:44 pmلهوءَ ۾ وهنتل لعل جي نگري ۽ دهشتگرديءَ سببان سڄو ڏيهه ڏهڪاءَ ۽ ڏک ۾ ورتل آهي. خلق ڳنڀير آهي، سندن اکين مان آب سُڪڻ جو نانءُ نٿو وٺي. جن کان پيارا وڇڙي ويا آهن، تن جي سڏڪن جو سلسلو جاري آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن دهشتگرديءَ جي جواب ۾ ڪارروايون ڪري ڪيترائي دهشتگرد مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، وزيراعظم پڻ دهشتگردن کي هر هنڌ چٿڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. پر ڏک آهي سو گهٽجڻ جو نانءُ ئي نه پيو وٺي ۽ ڏک ۾ ورتل سيوهڻ واسين جون انتظاميه سان چڪريون ٿيون آهن. هُنن پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي ته سيوهڻ ۾ سيڪيورٽيءَ جا انتظام ڇونه ڪيا ويا؟ حادثي کانپوءِ ريسڪيو جي جيڪا هام هنئي پئي وڃي، تنهن تي پڻ مقامي ماڻهو حيران ۽ ناراض نظر اچن ٿا.
قلندر جي درگاهه حقيقت ۾ پاڪستان اندر هڪ اهڙو مرڪز آهي، جتي مذهبي توڙي سماجي سمورا متڀيد بي معنيٰ بڻجي وڃن ٿا، جتي مسلمان به اُميد ۽ آس جا پانڌ جهليو نظر اچن ٿا ته هندو پڻ ڳچيءَ پانڌ پائي پهچن ٿا، اُتي سِکَ به سلامي ڀرين ٿا ته عيسائي به من جون مرادون ماڻڻ اچن ٿا. قلندر ڪنهن هڪ قوم، فرقي يا علائقي جي ميراث ناهي، هُو اُنهن لکين ڪروڙين ماڻهن جي دلين جي ڌڙڪن آهي، جيڪي بيخوديءَ جي بحر ۾ ٽُٻي هڻي ڄاڻين! اِهوئي سبب آهي جو ڏيهه هجي توڙي پرڏيهه، ’دمادم مست قلندر‘ جي ڌن تي ڌمال کان پاڻ کي ڪير روڪي ناهي سگهندو. سو دهشتگردن ڪنهن هڪ ماڳ تي نه پر ماڻهن جي اُن شعور تي وارُ ڪيو آهي، جيڪو متڀيدن کي ميسارڻ جو ڏس ڏي ٿو. اسان سنڌ واسين جو اِهو پڪو ويساهه آهي ته دهشتگردن جيڪو لعل جي نگريءَ تي وارُ ڪيو آهي، سو سندن ئي وجود جي خاتمي جو سبب بڻبو.
اسين هتي هڪ ٻي ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهون ٿا. جيڪڏهن ڪجهه گهڙين لاءِ سيڪيورٽي ليپس کي به درگذر ڪجي ۽ اهو به مڃي وٺجي ته دهشتگرديءَ کي روڪڻ صوبائي سرڪار جي وَس جي ڳالهه ناهي، پر ڇا سنڌ واسين جو ايترو به حق ناهي جو اُنهن کي ڪا چڱي چوکي اسپتال جوڙائي ڏني وڃي! هلو اسپتال به گهوري، ايمبولينسون ته سنڌ سرڪار مهيا ڪري پئي سگهي! جيڪڏهن اهڙي ڪنهن سروس جو سنڌ اندر بندوبست ٿيل هُجي ها ته هوند هيترا سارا ماڻهو اِئين تڙپي تڙپي دم نه ڏين ها. ڇا اِهو الميو ناهي ته حڪمرانن سان ته درجنين گاڏين جو قافلو هُجي ٿو، پر عوام کي چند ايمبولينسون به ميسر ناهن! ڇا پنجاب جيان سنڌ ۾ سرڪاري سطح تي اهڙي ڪا سروس شروع نٿي ڪرائي سگهجي؟ ڪجهه عرصو اڳ شڪارپور ۾ ٿيل اهڙي ئي هڪ سانحي وارا منظر اڄ به ماڻهن جي اکين ۾ فريز ٿيل آهن ته ڪيئن نه ماڻهن هٿ ريڙهن، چنگچين ۽ رڪشائن ۾ زخمين کي کڻي اسپتال پهچايو هو! ساڳي صورتحال جيڪب آباد ۾ ٿيل دهشتگرديءَ دوران پڻ ڏسڻ ۾ آئي هُئي. اُنهن ٻنهي واقعن توڙي سيوهڻ واري سانحي ۾ جيترا ماڻهو دهشتگرديءَ سببان اجل جو شڪار ٿيا، اوتري ئي انگ ۾ معصوم ماڻهو سرڪاري بيحسيءَ سببان بروقت اسپتالن تائين نه پهچڻ سبب پنهنجن پيارن کان وڇڙيا هئا. حقيقت ۾ شڪارپور ۽ جيڪب آباد ۾ ٿيل واقعا اهڙا هُئا، جن کي بُنياد بڻائي سنڌ سرڪار اُنهن علائقن ۾ ڪا هڪ اهڙي اسپتال جوڙائي پئي سگهي، جيڪا ڪنهن به ايمرجنسيءَ کي مُنهن ڏيڻ جي قابل هُجي ها، پر شايد اسان جا حڪمران سنڌ جي ماڻهن کي اِن قابل ئي نٿا سمجهن جو هُو اُنهن کي بنيادي سهولتون مهيا ڪري ڏين! گذريل اڌ صديءَ کان سنڌ جي ماڻهن پيپلز پارٽيءَ سان هر ڏکي سُکيءَ ۾ نڀايو آهي، ووٽ ته پنهنجي جاءِ تي، جڏهن به پيپلز پارٽيءَ مٿان مشڪل گهڙي آئي آهي، تڏهن فقط سنڌ ئي اُن جو ساٿ ڏنو آهي ۽ سنڌي ماڻهن پنهنجي پُٺين تي ڪوڙا کاڌا آهن، جيل ڪاٽيا آهن، پر بدلي ۾ سواءِ ويساهه گهاتين جي اُنهن کي ڪُجهه به پلئه ناهي پيو! خبر ناهي ته ڇو ايترو سڀ ڪجهه ٿيڻ باوجود به سنڌي ماڻهو ساڻن ناتو نٿا ڇنن! شايد ته سنڌي ماڻهن کي اِئين ڪرڻ کان شهيدن جو خون روڪيندو هُجي، پر نه ڄاڻ الائي ڇو شهيدن جو اُهو خون سنڌ جي نمائندن کي پنهنجي فرضن جي بجاآوريءَ تي رضامند نٿو ڪري! شايد ته سنڌ جي نمائندن جا احساس مري ويا آهن، نه ته جيڪر اڌ صديءَ جي نڀاءَ کان پوءِ سنڌي ماڻهن جو ايترو ته حق بڻجيو پئي ته اُنهن کي علاج معالج جون سهولتون مهيا ڪري ڏنيون وڃن ها، ڏُکي سُکيءَ ۾ سندن واهر لاءِ ايمبولينسون توڙي ٻيون سهولتون فراهم ڪيون وڃن ها، پر نه، اهڙو ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه پيو اچي! تنهنڪري ڏسڻو اِهو آهي ته سنڌ سرڪار هِن سانحي کان پوءِ اِن معاملي ۾ ڪا اڳڀرائي ڪري ٿي يا روايتي انداز اختيار ڪندي ماڻهن کي محروميءَ جي ڌُٻڻ ۾ ڌڪيندي رهي ٿي!