سينيٽ چيئرمين عزت بچائي ۽ پاڻ ئي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد:(بيورو)  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سينيٽ چيئرمين لاءِ ڀلو آهي ته هو پنهنجي عزت بچائيندي پاڻ ئي عهدي  تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، نه ته سڀاڻي ته کيس پاڻ ئي وڃڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ ۾ اپوزيشن ميمبرن لاءِ ڏنل مانجهاندي دوران ڳالهائيندي ڪيو.پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته اپوزيشن وٽ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي کي هٽائڻ ۽ ان جي خلاف بي اعتمادي واري تحريڪ ڪامياب بڻائڻ لاءِ گهربل نمبرز موجود آهن.بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته منهنجي تجويز پهريان کان ئي هئي ته سينيٽ چيئرمين پنهنجي عزت بچائيندي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، نه ته سڀاڻي ته هو وڃي رهيو آهي.پيپلز پارٽي جي سربراهه طرفان ڏنل مانجهاندي ۾ نامزد سينيٽ چيئرمين مير حاصل بزنجو، ڊپٽي چيئرمين سينيٽ سليم مانڊوي والا، شيري رحمان، رضا رباني، راجا ظفر الحق، عثمان خان ڪاڪڙ، اشوڪ ڪمار، ڪرشنا ڪماري، رحمان ملڪ، مشاهد الله خان، يوسف باديني، بهرامندي تنگي، راحيلا مگسي، عائشا رضا، نجما حميد، نذهت صادق ۽ رخسانا زبيري سميت 51 ميمبرن شرڪت ڪئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *