اسلام آباد: (بيورو) سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي خلاف مسلم ليگ(ن) جي بي اعتمادي جي رٿ ناڪام ٿي وئي آهي. قرارداد پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ راجا ظفرالحق پيش ڪئي. بيرسٽر سيف بطور پرزائيڊنگ آفيسر پنهنجا فرض انجام ڏنا.ايوان ۾ گڏيل طور تي 104 ميمبر آهن جن مان اسحاق ڊار حلف ناهي کنيو ان ڪري 103 ميمبرن کي ووٽنگ ۾ حصو وٺڻو هو. موجوده سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جو پهريون ووٽ ضايع ٿي ويو جنهن تي کيس ٻيهر ووٽنگ جي اجازت ڏني وئي. صادق سنجراڻي جو بيلٽ پيپر ضايع ٿيڻ تي مخالف ڌر طرفان گوڙ ڪيو ويو جنهن تي پرزائيڊنگ آفيسر بيرسٽر سيف ميمبرن کي خاموش رهڻ جي هدايت ڪئي. صادق سنجراڻي پڇيو ته ڇا مون کي ٻيو بيلٽ پيپر ملي سگهي ٿو. جنهن تي سيڪريٽري سينيٽ کيس ٻيهر بيلٽ پيپر ڏيڻ جو چيو.جماعت اسلامي طرفان بي اعتمادي جي رٿ ۾ حصو نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان جي ٻنهي سينيٽرن مان ڪنهن به هڪ ووٽنگ واري عمل ۾ شرڪت نه ڪئي. مسلم ليگ(ن) جو سينيٽر چوڌري تنوير پرڏيهه ۾ هجڻ سبب اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو. هن وقت 103 جي ايوان ۾ 100 ميمبر موجود آهن جيڪي ووٽنگ جي عمل ۾ حصو وٺي رهيا آهن. سمورن ميمبرن کي ووٽنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ تائين ايوان ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ڪنهن به ميمبر کي هال مان ٻاهر نڪرڻ جي اجازت نه هوندي.پرزائيڊنگ آفيسر ووٽنگ جو عمل شروع ٿيڻ دوران ايوان جا سمورا دروازا بند رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي هئي. جاويد عباسي ۽ نعمان وزير کي پولنگ ايجنٽ مقرر ڪيو ويو. ووٽنگ شروع ٿيڻ کان اڳ ئي پي ٽي آءِ جي سينيٽر فيصل جاويد دعويٰ ڪئي آهي ته سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف بي اعتمادي جي رٿ ناڪام ٿي چڪي آهي جيڪا مخالف ڌر لاءِ شرمندگي جو سبب بڻجندي.