اسلام آباد: (بيورو) سينيٽ چيئرمين جي تبديلي جي معاملي تي مسلم ليگ(ن) جي قيادت اميدوارن جي نالن تي ورهائجي وئي آهي. نوازشريف ۽ شهباز شريف جا هڪ دفعو ٻيهر سينيٽ چيئرمين جي نالي تي اختلاف سامهون اچي ويا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف ڪيمپ ۽ نوازشريف ڪيمپ سينيٽ چيئرمين جي نالي تي آمهون سامهون اچي ويا آهن. شهباز شريف ۽ سندس حامي راجه ظفرالحق کي سينيٽ چيئرمين ڏسڻ جا خواهشمند آهن. ٻئي طرف مريم نواز ۽ نوازشريف پرويز رشيد کي سينيٽ چيئرمين بنائڻ جي لاءِ سرگرم ٿي ويا آهن.جڏهن ته مريم نواز بلاول ڀٽو زرداري سان پاڻ فون تي رابطو ڪيو آهي. مريم نواز بلاول ڀٽو زرداري کي پرويز رشيد جو نالو سينيٽ چيئرمين جي لاءِ تجويز ڪري ڏنو آهي جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري پرويز رشيد جي نالي تي پارٽي سان مشاورت جو وقت گهري ورتو آهي. پرويز رشيد کي سينيٽ چيئرمين بنائڻ کان پوءِ مخالف ڌر جي اڳواڻ جو عهدو به پ پ کي ملڻ جو امڪان آهي.