سينيٽ چونڊون: نواز شريف جو مولانا فضل الرحمان تي شڪ جو اظهار

اسلام آباد(بيورو) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف سينيٽ اليڪشن ۾ شڪست کان پوءِ مولانا فضل الرحمان تي شڪ شبهن جو اظهار ڪري ڇڏيو.  ميڊيا جي رپورٽن موجب سينيٽ ۾ شڪست جو جائزو وٺڻ لاءِ نواز شريف مولانا فضل الرحمان کي گهرايو ۽ ٻنهي اڳواڻن جي پنجاب هائوس ۾ ملاقات ٿي. ان موقعي تي نواز شريف ووٽ نه ڏيڻ جي حوالي سان جي يو آءِ ف جي سينيٽر تي پنهنجن شڪن جو اظهار ڪيو ته مولانا فضل الرحمان به صفايون پيش ڪرڻ شروع ڪيون. ان دوران ڳالهه نه بڻي ته جي يو آءِ ف جي سينيٽر عبدالغفور حيدري کي طلب ڪري ورتو. عبدالغفور حيدري جڏهن پنجاب هائوس پهتو ته اتي موجود صحافي ساڻس سوال ڪيو ته توهان هتي پاڻ آيا آهيو يا گهرايو ويو آهي جنهن تي هن چيو ته مون کي هتي گهرايو ويو آهي. ملاقات ۾ عبدالغفور حيدري به وضاحت پيش ڪندي ٻڌايو ته سينيٽ ۾ حڪمران پراٽي کي ووٽ ڏنا ويا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *