سينيٽ آرمي ترميمي ايڪٽ 2017ع منظور ڪري ورتو، فوجي عدالتن جي مدي ۾2 سال واڌ وارو بل ملتوي
March 23, 2017 at 2:46 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبليءَ کان پوءِ سينيٽ ۾ به فوجي عدالتن ۾ جي مُدي ۾ واڌ بابت آئيني ترميم اڪثريت راءِ سان منظور ڪئي وئي آهي، سينيٽ چيئرمين رضا ربانيءَ جي صدارت ۾ سينيٽ جو اجلاس ٿيو، اجلاس جي باقاعدي شروعات وفاقي وزير زاهد حامد پاڪستان آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جي لاءِ 28 هين آئيني ترميم جو بل سينيٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو، پختون خواهه ملي عوامي پارٽي، بي اين پي مينگل ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) 28 هين ترميم جي مخالف ڪري ڇڏي، جي يو آءِ (ف) جي سينيٽر عطاءُ الرحمان چيو ته مذهب ۽ اسلام جي نالي کي ان بل مان نه پيو ڪڍيو وڃي، ان جي لاءِ اسان حڪومت جا اتحادي هجڻ باوجود ان ايڪٽ جي مخالفت ڪري رهيا آهيون، پارٽي جي مجبوريون جي ڪري ان ايڪٽ جي مخالفت ڪري رهيا آهيون، بي اين پي مينگل جي سينيٽر جهانزيب جمال دينيءَ چيو ته هو پنهنجي پارتيءَ طرفان اهو ٿو چئي ته آئيني ترميم اسان جي شان موجب نه آهي جمهوري جمعات جي دامن ۾ اها ڳالهه به اچي وئي آهي ته ان به هِن قسم جي ترميم منظور ڪرائي ورتي، اختيار مڪمل طور پارليامينٽ وٽ هجڻ گھرجن، ان قسم جي ايڪٽ جي حمايت نه ڪنداصين جنهن مان ڪنهن ڊڪٽيٽر جي فلسفي جي ڌپ ايندي هجي، سينيٽ ميمبرن جي مخالفت تي زاهد حامد چيو ته فوجي عدالتن سان دهشتگرديءَ جي خاتمي ۾ مدد ملي آهي، هاڻي به قومي سلامتيءَ کي دهشتگرديءَ کان خطرو آهي، ان صورتحال ۾ خاص قدم جاري رکڻ جي ضرورت آهي، اسان چاهيون ٿا ته جيئن 2015ع ۾ آئيني ترميم منظور ٿي هئي اهڙيءَ طرح هاڻ يبه ٿئي، فوجي عدالتن بابت گذريل آئيني ترميم ۾ مذهب ۽ فرقي جي استعمال جا لفظ هئا پر 28 هين ترميم دهشتگرديءَ ۾ مذهب ۽ رفقي جي نالي جو غلط لفظ استعمال ڪيو ويو آهي، ان کان پوءِ سينيٽ پاڪستان آرمي ايڪٽ منظور ڪيو جڏهن ته 28 هين آئيني ترميم کي رد ڪري ڇڏيو آهي.