ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌرجي اڳواڻ پنهنجي ئي پارٽي جي ميمبرن ۽ اتحادين کي اعتماد ۾ وٺڻ بدران پبلڪ سيفٽي ڪميشن جي جوڙجڪ لاءِ وڏي وزير کي 3 ميمبرن جا نالا اماڻي ڇڏيا ، ايم ڪيو ايم سخت ناراض ، جي ڊي اي به مخالف ڌر جي اڳواڻ جي اهڙي عمل کان بي خبر بڻيل، ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي صوبائي سيفٽي ڪميشن لاءِ پاڻ کانسواءِ پي ٽي آءِ ايم پي اي محمد علي عزيز ۽ جي ڊي اي جي پارلياماني اڳواڻ حسنين مرزا جا نالا وڏي وزير حوالي ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته پ پ پاران وري ڪميشن لاءِ عورت ايم پي ايز ندا کهڙو ۽ شميم ممتاز جا نالا ڏناويا آهن، مخالف ڌر جي اڳواڻ ان سلسلي ۾ پنهنجي اتحادي جماعت ايم ڪيو ايم جي ڪنهن به ميمبر جو نالو نه ڏنو آهي، جنهن تي ايم ڪيو ايم سخت اعتراض ڪندي پي ٽي آءِ آڏو سخت موقف رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ خواجا اظهار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فردوس شميم نقوي اتحادين کي اعتماد ۾ وٺڻ بدران صوبائي سيفٽي ڪميشن ۾ نالا ڏئي ڇڏيا آهن، منهنجي ڪنور نويد جميل سان ڳالهه ٿي آهي، اسان اهو معاملو پي ٽي آءِ اڳيان رکنداسين، صوبائي سيفٽي ڪميشن ۾ ايم ڪيو ايم جو ميمبر هئڻ لازمي آهي، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي جي ڊي اي جي پارلياماني اڳواڻ حسنين مرزا چيو ته مون کي خبر ناهي ته فردوس شميم نقوي منهنجو نالو ڏنو آهي، مخالف ڌر اڳواڻ سان ان سلسلي ۾ ڳالهه ٻولهه ته ٿي هئي پر نالن کي حتمي شڪل نه ڏني هئي. هوڏانهن جي ڊي اي جي شهريار مهر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صوبائي سيفٽي ڪميشن ۾ ميمبرن جي نالن بابت ڪا به صلاح مصلحت ناهي ٿي، حسنين مرزا اڪيلي سان ڪا صلاح مصلحت ٿي آهي ته ان بابت هو پاڻ ٻڌائي سگهي ٿو، باقي مون کي ڪابه ڄاڻ ناهي، ٻئي طرف پي ٽي آءِ جي ڊپٽي پارلياماني اڳواڻ خرم شير زمان به ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته کيس صوبائي سيفٽي ڪميشن جي ميمبرن جي نالن جي ڪابه ڄاڻ ناهي ، فردوس شميم نقوي ان سلسلي ۾ ڪابه صلاح ناهي ڪئي ۽ نه ئي وري پارٽي اجلاس ۾ ان سلسلي ۾ ڪو ذڪر ڪيو هو .پي ٽي آءِ سنڌ جي ترجمان جمال صديقي چيو آهي فردوس شميم نقوي سڀني اتحادي جماعتن سان صلاح ڪري پوءِ فيصلا ڪندو آهي، اتحادين ۾ اهو طئه ٿيو هو ته صوبائي سيفٽي ڪميشن لاءِ هڪ ميمبر شهري علائقن ۽ هڪ ميمبر ٻهراڙين مان کنيو ويندو ، جي ڊي اي جو نالو ٻهراڙي جي حساب سان ڏنو ويو آهي، جڏهن ته شهري علائقن جي سڀ کان وڏي جماعت پي ٽي آءِ آهي، ان ڪري پي ٽي آءِ جي ايم پي اي جو نالو ڏنو هوندو، هن چيو ته ايم ڪيو ايم اتحادي جماعت آهي، ان جون شڪايتون حل ڪيون وينديون صوبائي سيفٽي ڪميشن لاءِ پ پ پاران 2 عورت ايم پي ايز جا نالا ڏنا ويا آهن، جڏهن ته مخالف ڌر جي اڳواڻ اپوزيشن جي عورت ايم پي ايز کي مڪمل نظرانداز ڪيو آهي، اهڙي عمل تي جي ڊي اي جي عورت ايم پي اي نصرت سحر اعتراض واريندي چيو ته مخالف ڌر مان به ڪنهن عورت ايم پي اي کي ميمبر ڪرڻ گهرجي ها، آئون ته اوهان کان ئي ٻڌان ٿي ته سيفٽي ڪميشن لاءِ ميمبرن جا نالا ڏنا ويا آهن، ان سلسلي ۾ اسان سان ڪابه صلاح ناهي ڪئي وئي.