ڪراچي(هه آ) سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري وزير سيد ناصر حسين شاهه سوشل سيڪورٽي (سيسي ) اسپتال جي مختلف وارڊن جو دورو ڪيو، مريضن سان ملاقات ڪئي ۽ مسئلا معلوم ڪيا. هن چيو ته سوشل سيڪورٽي لانڊي جي اسپتال ۾ ايم آر آءِ مشين، سي ٽي اسڪين جي سهولت به فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته نرسنگ اسڪول هجڻ گهرجي، جلد ئي نرسنگ اسڪول به قائم ڪيو ويندو. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه مزدورن لاءِ قائم ڪيل اسپتال جي اطفال واري شعبي ۽ ٻين شعبن جو دورو ڪيو ۽ مريضن جي عيادت ڪئي. سيد ناصر حسين شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ليبر کاتي جي اهتمام هيٺ اسپتالن ۾ بهتري چاهيون ٿا. هن چيوته وفاقي حڪومت ارڙهين ترميم کان پوءِ ڪيتريون ئي شيون صوبن کي سپرد نه ڪيون. هن چيو ته محنت ڪشن جا پيسا ان جي ڀلائي لاءِ خرچ ڪندا سين. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته برساتي پاڻي جي نيڪال جي ڪم ۾ بلديه عظمه ، ڊي ايم سيز ۽ سنڌ حڪومت ملي ڪم ڪيو. ٻه ڏينهن شديد برسات پوڻ باوجود برساتي پاڻي جي نيڪال جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي. هن چيو ته بلديات کاتي واري وزير ڄام خان شورو برساتن کان پوءِ واري صورتحال ۽ برساتي پاڻي جي نيڪال جي ڪم جي مسلسل نگراني ڪئي. هن چيو ته رينجرز جيڪڏهن بلدياتي ادارن سان ملي ڪري ڪم رهي آهي ته اهو سٺو عمل آهي.