ڪراچي(م ڊ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان سپر ليگ لاءِ نيڪ خواهشن جو ڪري ٿو، مراد علي شاهه چيو ته ڪوئٽا گليڊيئيٽرز منهنجي پسنديده ٽيم آهي، وڏي وزير جو چوڻ هو ته اڄ عوام گڏ ٿي قومي يڪجهتي جو ثبوت ڏنو آهي، هن جو چوڻ هو ته پي ايس ايل ميچ پاڪستان ۾ ٿيڻ قوم جي سوڀ ۽ دهشتگردن جي شڪست آهي، سيد مراد علي شاهه چيو ته پي ايس ايل فائينل ۾ ٻنهي ٽيمن مان جيڪا به کٽندي اها ٽيم پاڪستان جي هوندي.