اسلام آباد( بيورو ) سڌ سماءَ ۽ اطلاعات واري ممڪلتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستاني قوم بهادريءَ سان دهشتگرديءَ جو مقابلو ڪيو ۽ جنگ ۾ 70 هزار پاڪستانين جان جي قرباني پيش ڪئي. اسلام آباد ۾ اسپورٽس جرنلسٽس جي تقريب کي خطاب ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته موجوه حڪومت دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ ڀرپور ڌيان ڏنو آهي ۽ اسان جي فوج دهستگرديءَ خلاف جنگ ۾ ويڙهه ڪري رهي آهي، سياسي ۽ فوجي قيادت ملڪ مان دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ راندين جي واپسي امن جي واپسي آهي، راندين جي عالمي مقابلن جو پاڪستان ۾ ٿيڻ امن جي ڪوششن سان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو، پاڪستان سرزمين تان دهشتگردن جو خاتمو ڪري رهيا آهن جڏهن ته قوم دليري ۽ جوان جذبن سان دهستگردن سان جنگ وڙهي آهي ۽ جنگ ۾ 70 هزار جي لڳ ڀڳ پاڪستانين پنهنجي جانين جي قرباني پيش ڪئي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته اڳوڻي وزيراعظم ملڪ ۾ راندين جي واپسي ۾ دلچسپي ورتي ۽ نواز شريف پاڻ ڪرڪيٽ، هاڪي، ٽينس ۽ فٽبال ۾ دلچسپي رکي ٿو.