سياسي پارٽيون متحد ٿي حڪومت خلاف قرارداد پيش ڪن: آصف زرداري

اسلام آباد (بيورو) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته موجوده حڪومت جي نااهلي مختصر وقت ۾ ئي سامهون اچي وئي، سمورين سياسي پارٽين کي متحد ٿي حڪومت جي ناڪامي بابت قرارداد پيش ڪرڻ گهرجي، اسان کي اصولي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ڪهڙي پاسي وڃي رهيا آهيون. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته نيب گهر جي نوڪرن کي به گهرائي جاچ ڪري رهيو آهي، اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي دور ۾ به اهڙين ئي حالتن کي منهن ڏنو، مان نيب چيئرمين کي گهٽ وڌ نه ڳالهايو هو پر ان جي سوچ ۽ طريقي ڪار تي تنقيد ڪئي هئي. سندس چوڻ هو ته مان ن ليگ قائد نواز شريف جي دور ۾ قائم ڪيل ڪيسن ۾ اڄ به ڀوڳي رهيو آهيان ۽ نواز شريف کي اسان کي پاليسي نه وڻي، اين آر او ۾ ڌر نه بڻياسين تنهن ڪري پارٽي کي ڪو فائدو نه پهتو پر نواز شريف کي فائدو ٿيو هوندو، ان آر او مان متحدا قومي موومينٽ کي فائدو ضرور ٿيو. هن چيو ته پيپلز پارٽي پنهنجي دور ۾ پاڪ – چين اقتصادي راهداري سميت ڪيترن ئي منصوبن ۾ غير معمولي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *