اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته گلگت بلتستان جو معاملو پارليامينٽ ۾ حل ٿيڻ گهرجي جي ايڇ ڪيو ۾ نه ۽ انهن مسئلن تي نه سياسي قيادت کي گهرائڻ گهرجي ۽ نه سياسي قيادت کي وڃڻ گهرجي، جنهن کي اچڻو آ اهو پارليامينٽ ۾ اچي.مريم نواز اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي سزا خلاف اپيلن تي ٻڌڻي جي سلسلي ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿي.عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته نواز شريف جو آپريشن ٿيندو پر جيستائين ڪورونا آهي، ان جو آپريشن نٿو ٿي سگهي، نواز شريف جو اميون سسٽم ڪمزور آهي، تنهن ڪري ان جو دوائن سان علاج جاري آهي.هن چيو ته اشتهاري جي درخواست تي چونڊيل وزيراعظم کي نااهل ڪيو ويو، اهو سوال اسان اڳ ۾ نه اٿاريو جيڪو اٿارڻ گهرجي ها، اشتهاري جنهن ٿاڻي جي حدن جو جوابدار هو، ان ٿاڻي جي حدن ۾ عدالت ۾ پيش ٿيندو هو.سندس چوڻ هو ته شهباز شريف کي جيڪڏهن ڌار ٿيڻو هجي ها ته اڄ هو وزيراعظم هجي ها، هن وزارت عظميٰ تي ڀاءُ کي ترجيح ڏني، شهباز شريف وفادار ڀاءُ آهي، ڪڏهن ڌار نه ٿيندو.هڪ سوال جي جواب ۾ مريم نواز چيو ته مون کي جي ايڇ ڪيو ۾ ڊنر جو علم ناهي، شايد ڊنر نه ٿيو، ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته گلگت جي مسئلي تي گهرايو ويو هو پر اهو مسئلو سياسي آهي، اهو عوامي نمائندن ۽ انهن جي حل ڪرڻ جو مسئلو آهي، اهو فيصلو پارليامينٽ ۾ ٿيڻ گهرجي، جي ايڇ ڪيو ۾ نه، انهن مسئلن تي نه سياسي قيادت کي گهرائڻ گهرجي ۽ نه سياسي قيادت کي وڃڻ گهرجي، جنهن کي اچڻو آ اهو پارليامينٽ ۾ اچي.هڪ سوال ته ٽي وي تي توهان جي ۽ ميان صاحب جي تقرير هلي رهي آهي، ڇا توهان جو ۽ اسٽيبلشمينٽ جو ٺاهه ٿي ويو آهي؟ تي مريم نواز چيو ته ميڊيا ٻڌائي نه اها اسان جي تقرير ڇو هلائي رهي آهي، ظلم، دٻاءُ ۽ حربا ڪنهن حد تائين هلندا آهن سدائين نه. ٻئي پاسي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ن ليگ نائب صدر مريم نواز کي پنهنجي ئي گارڊ جي زوردار ٺوٺ لڳي وئي.مريم نواز اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي سزا خلاف اپيلن تي ٻڌڻي جي سلسلي ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿي.ن ليگ نائب صدر مريم نواز جي عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ڪارڪنن جو وڏو انگ اتي موجود هو ۽ پوليس جي وڏي نفري پڻ مقرر ڪئي هئي، جنهن سبب ڌِڪ ڌِڪان ٿي وئي.ان موقعي تي گارڊ ماڻهن کي پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته رش سبب ان جي زوردار ٺوٺ مريم نواز کي لڳي وئي، هوءَ ڪلهي تي هٿ ڏئي بيهي رهي ۽ پنهنجي مڙس ڪيپٽن صفدر کي واقعي بابت ٻڌايو.