لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته مٿس داخل ڪيل ڪيس ڪوڙا ۽ سياسي انتقام تي ٻڌل هئا پر پوءِ به مقابلو ڪيو ويو. لاهور ۾ اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان ارباب عالمگير ۽ عاصمه ارباب عالمگير ملاقات ڪئي. ملاقات دوران اڳواڻن آصف علي زرداري کي نيب جي ڪيسن مان آجو ٿيڻ تي واڌايون پيش ڪيون. هن چيو ته اسان ڪڏهن به عدالتن کان ڀڳا نه آهيون. سندس چوڻ هو ته انتقام جو نشانو بڻجڻ باوجود انصاف لاءِ قانوني رستو اختيار ڪيو. آصف علي زرداري چيو ته سياسي مخالفن خلاف ٺهيل ڪيسن ۾ عدالتن ۾ وياسين ۽ اتان اسان کي انصاف مليو.