بشڪڪ: (م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن لاءِ خطي ۾ خوشحالي ضروري آهي، دهشتگردي خطي جي ملڪن لاءِ سنگين خطرو آهي.پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي بشڪڪ، ڪرغستان ۾ شهنائي سهڪار تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل اجلاس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ايس سي او خطي جي ملڪن وچ ۾ رابطن جو اهم ذريعو آهي، پاڪستان ايس سي او جي چارٽر تي عملدرآمد لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته گڏيل خوشحالي لاءِ پاڪستان خطي جي ملڪن ۾ رابطن کي هٿي ڏيڻ چاهي ٿو. پاڪستان ايس سي او ملڪن سان گڏجي دهشتگردي خلاف ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته چيني صدر ون روڊ ون بيلٽ منصوبي سان خطي جا ملڪ هڪٻئي جي ويجهو ايندا. شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ مفاهمتي عمل جي حمايت ڪري ٿو، پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو، خطي جي امن لاءِ مضبوط افغانستان ضروري آهي.پرڏيهي وزير چيو ته اسان جو سڀ کان وڏو مسئلو دهشتگردي آهي، پاڪستان دهشتگردي ۽ انتها پسندي جو ڪاميابي سان مقابلو ڪيو، پاڪستان ايس سي او تحت تجربو ۽ مهارت ورهائڻ لاءِ تيار آهي. جيڪڏهن امن چاهيون ٿا ته پوءِ انصاف کان ڪم وٺڻو پوندو. پرڏيهي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته اڳيان وڌندي افغانستان جي پاڙيسرين ۽ ٻين ڌرين کي امن عمل ۾ شامل ڪيو ويندو ۽ پاڪستان ان عمل ۾ سهولتڪاري فراهم ڪندو رهندو ۽ اميد آهي ته ٻيا به ان گڏيل ذميواري ۾ ان جي حمايت ڪندا.