سياست ۾ تشدد جي غلط روايت کي ڪجهه ماڻهن پروان چاڙهيو: مريم نواز

لنڊن(م ڊ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز جو چوڻ آهي ته سياست ۾ تشدد جي غلط روايت کي ڪجهه ماڻهن پروان چاڙهيو اسان کي پاڪستاني سياست ۾ تشدد مان جلد جان ڇڏائڻي پوندي. هارلي اسٽيٽ ڪلينڪ پهچڻ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته اختلاف تي اظهار راءِ جي آزادي هئڻ گهرجي پر ڪجهه ماڻهن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ناهي ايندي. هن سياست ۾ تشدد جي غلط روايت کي پروان چاڙهيو اسان کي پاڪستاني سياست ۾ تشدد مان جلد جان ڇڏائڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته جلدي ئي پاڪسان واپس اينداسين بس ماءُ جي طبيعت بهتر ٿيندي ئي پنهنجي ملڪ واپس اينداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *