خيرپور (ڊ ر) وزير اعليٰ سنڌ جي خاص معاون نواب علي وساڻ جا پاڪستان پيپلز پارٽي جي 51هين يوم تاسيس جي سلسلي ۾ تعلقي ڪنگري، ڪوٽڏيجي ۽ خيرپور جي مختلف هنڌن تي طوفاني دورا، نواب علي وساڻ جو پريالوءِ شهر پهچڻ تي شاندار استقبال سوين گاڏين جي ڊگهي جلوس ۾ دهلن شرنائين ۽ جيئي ڀٽو جي گيتن تي پي پي پي ڪارڪنن جو رقص، تنهنجو شان منهنجو شان نواب وسان نواب وساڻ جي نعرن سان پريالوءِ شهر گونجي ويو، عارف علي مهر پاران پاڪستان پيپلز پارٽي جي 51هين يوم تاسيس جي حوالي سان ڪوٺايل عظيم الشان جلسي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته عمران خان يو ٽرن وٺڻ جو ماهر آهي پر سياست ۾ اناڙي عمران خان جي بيانن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو ڪمزور سياستدان آهي، گلگت بلتستان ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي ڪامياب جلسن سان وفاقي حڪومت خوفزده ٿي چڪي آهي گلگت جي عوام کي بلاول ڀٽو زرداري جي روپ ۾ شهيد راڻي جي جھلڪ نظر آئي آهي ۽ گلگت بلتستان جي عوام پنهنجي قائد بلاول ڀٽو زرداري جو شاندار استقبال ڪري ثابت ڪيو آهي ته گلگت بلتستان پاڪستان پيپلز پارٽي جو ڳڙه آهي ملڪ ۾ اگر حقيقي تبديلي آڻي سگهي ٿو ته اهو صرف بلاول ڀٽو زرداري ئي آڻي سگهي ٿو 30 نومبر تي سکر ۾ پيپلز پارٽي جي 51هين يوم تاسيس ۾ عوامي سمنڊ جلسي ۾ شرڪت ڪري ثابت ڪندو ته بلاول ڀٽو زرداري 22 ڪروڙ عوام جي دلين جي ڌڙڪن آهي هن وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت جي خارجا پاليسي نه هجڻ سبب دهشتگردي جا واقعيا ٿي رهيا آهن ڪراچي ۾ چيني سفارت خاني ۾ حملو سي پيڪ منصوبن کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش آهي سنڌ پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز همٿ ۽ بهادري سان دهشتگردن سان مقابلو ڪري انهن جي اهڙي ناپاڪ ارادا خاڪ ۾ ملائي ڇڏيا سنڌ پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارا قابل ساراهه جوڳا آهن ۽ اسان کي سنڌ پوليس تي فخر آهي جنهن هميشه دهشتگردن سان مقابلو ڪري جام شهادت ماڻي ملڪ ۽ قوم جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي واقعي ۾ شهيد ٿيل اهلڪارن جي وارثن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون ان موقعي تي عارف خان مهر، امير بخش انصاري، حاجي منير کورکاڻي، سيد آفتاب شاهه، وڏيرو گل حسن مهر، الله وسايو کورکاڻي، علي ڏنو شيخ، محمد نواز ميتلو، سيد اعظم شاهه، ارباب شريف الله ڌاريجو، رجب علي الرو، سيد روشن علي شاهه، مير سجاد ٽالپر، عبدالستار کوسو، عبدالستار مهر، سيد قربان علي شاهه، عبدالحڪيم ڌاريجو، سيد عبداللطيف شاهه، ايڊووڪيٽ ابوبڪر شاه راشدي، ثقلين انصاري ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا. ان کان بعد درگاهه مسڪين پور جي گادي نشين حاجي محمد عبدالله شاهه جيلاني جي وفات تي سندس پونئيرن سان پڻ تعزيت ڪئي ۽ گهري ڏک جو پڻ اظهار ڪيو،