سياست نه علاج ڪرڻ چاهيون ٿا، ڪورونا ٽيسٽ ڪٽس کي طبي ماهرن غير معياري قرار ڏنو اسان نه:ناصر حسين شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورتر) سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ چيو آهي ته سنڌ کي فراهم ڪيل ٽيسٽ ڪٽس کي سنڌ حڪومت نه پر طبي ماهرن ان کي غير معياري قرار ڏنو هو. اها ڳالھ هن پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪئي. سيد ناصر حسين شاھ چيو ته ڊاڪٽرن جي مطابق اهي ڪٽس صحيح نتيجا نٿيون ڏين ۽ جيڪڏهن رزلٽئي صحيح نه هوندا ته علاج ڪهڙي ريت ممڪن آهي. هن چيو ته ان معاملي ۾ سنڌ حڪومت جو ڪو به ڪردار ناهي. ان جي باجود اسان کي اهو چيو ويو ته اسان پوائينٽ اسڪورنگ ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اهي ئي غير معاري ڪٽس پنجاب ۾ استعمال ڪيون ويون ان ڪري اسان کي پنجاب ۾ ڪيل ٽيسٽ تي شڪ آهي. اطلاعات واري وزير چيو ته شروع کان ئي اهو معاملو آهي ته اسان جي هر سٺي ڪم تي تنقيد ڪئي پئي وڃي ۽ بعد ۾ هر صوبي اهو ئي ڪم ڪيو آهي. سيد ناصر حسين شاھ چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته اسان سڀني سان گڏجي هلون ڇو ته ان وبا کان ڇوٽڪارو ان ئي وقت ممڪن آهي جيستائين اسان سڀئي گڏجي هڪ قوم ٿي ان جو مقابلو ڪيون ۽ عالمي معيار جي مطابق احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون. اطلاعات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ چيو ته صوبي ۾ لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ جو ڪو به فيصلو ناهي ٿيو. سنڌ حڪومت کي سڀ کان پهرين پنهنجي عوام جي جان ۽ صحت عزيز آهي. سيد ناصر حسين شاھ چيو ته ڪرونا وائرس هڪ حقيقت آهي اسان کي ان ڳالھ کي سمجھڻ جي ضرورت آهي ۽ هر ان ڳالھ کان اسان پري رهڻو آهي جنهن سان اهو پکڙجي ٿو. ان کان بچڻ جي هڪ ئي صورت آهي ته احتياط ڪيو وڃي ۽ بنا ضرورت جي گھر کان نه نڪتو وڃي. اطلاعات واري وزير چيو ته اسان کي ڪاروباري برادري جي مشڪلين جو به احساس آهي ۽ اسان اها ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ايس او پيز طئي ڪري ڪاروباري سرگرميون ترتيبوار کولڻ جي اجازت ڏني وڃي. سيد ناصر حسين شاھ چيو ته حڪومت واپارين سان مسلسل رابطي ۾ آهي ۽ ڪوشش آهي ته انهن جي مشڪلين کي گھٽ ڪيو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *