نئون ديرو(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سياست عمران خان جي وس جي ڳالهه ناهي، هو ڪرڪيٽر آهي ان ڪري ڪنهن ٽيم جو ڪوچ وڃي بڻجي. نئين ديري ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ورسي جي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته نواز شريف سياست مان به گو ٿي ويو آهي، 10 سالن پهرين واري سنڌ اڄ بدلجي چڪي آهي. هن چيو ته عمران خان ڪرڪيٽ آهي، ٽيم جو ڪوچ بڻجي وڃي، سياست عمران خان جي وس جي ڳالهه آهي، ايندڙ اليڪشن ۾ پ پ ڪامياب ٿيندي جڏهن ته عمران خان جو ڪم رڳو الزام لڳائڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ مان دهشتگردي ۽ لاقانونيت ختم ڪئي آهي، 10 سالن ۾ سنڌ جون حالتون تبديل ڪيون آهن. عمران خان کي ماڻهن مٿان الزام هڻڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به ڪم ناهي ايندو، عمران خان سياست کان اڻواقف آهي.