سياستدان کي نيب ذريعي گهلڻ وارو عمل مذمت جوڳو آهي: فضل الرحمان

سکر (رپورٽر) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته خورشيد احمد شاهه جي طبيعت تمام گهڻي خراب آھي، کيس به نيب وسيلي گهليو پيو وڃي، سياستدانن کي نيب وسيلي گهلڻ واري عمل کي اسان نه ٿا مڃون. خورشيد احمد شاهه جي رهائش گاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي فضل الرحمان چيو ته نيب کي سياسي انتقام لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته خورشيد احمد شاه به اهڙي مرحلي مان گذري رهيو آھي، جيستائين معاملو نيب عدالت ۾ آھي وڌيڪ تبصرو نٿو ڪيان، هن چيو ته جيستائين اڻ چونڊيل، جعلي، نااهل ۽ نالائق کي تسليم ڪبو تيستائين ملڪ پوئتي ئي ويندو،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *