سياستدانن ۽ ميڊيا ٿر جي عوام جا حق نه ڏئي زيادتي ڪئي: بلاول ڀٽو زرداري

ٿرپارڪر(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري دعويٰ ڪئي آهي ته پيپلز پارٽي ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ ۽ وفاق ۾ به ڪاميابي ماڻيندي. ٿرپارڪر ۾ خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سياستدانن ۽ ميڊيا ٿر جي عوام جا حق نه ڏئي زيادتي ڪئي، ٿر ۾ جيڪو انقلاب آيو ان بابت عوام کي آگاهه ناهي ڪيو ويو، ايندڙ پنج سالن ۾ ٿر جي ڪري سنڌ ۾ بي مثال تبديلي ايندي، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ ڪو به ٿر جهڙو علائقو ڏيکاريو جتي ايترو ڪم ٿيو هجي. بلاول ڀٽو زرداري عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته عمران خان کي ڪراچي مان چونڊن وڙهڻ جو چيلينج ڏنو آهي، کيس ڪراچي مان عبرتناڪ شڪست ڏينداسين جڏهن ته پيپلز پارٽي سنڌ ۽ وفاق مان 2018ع جي اليڪشن کٽيندي. بلاول ڀٽو جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪراچي جو لوڪل باڊي سسٽم مخصوص پارٽي وٽ آهي، اها مخصوص پارٽي ۾ ۾ وڙهي رهي آهي، اهي نه پاڻ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ نه ئي وري ڪنهن ٻئي کي ڪرڻ پيا ڏين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *