اسلام آباد: (بيورو) وفاقي وزير سائنس ۽ ٽيڪنالوجي فواد چوڌري چيو آهي ته پنهنجا نوازيو ۽ سفارشي ڪلچر ادارن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. سول ادارا مڪمل تباهه ٿي ويا آهن. وزيراعظم کي تباهه ٿيل نظام مليو. هڪ ٻن سالن ۾ ان ادارن ۾ بهتري جي ڪابه اميد ناهي.هن چيو ته پارٽي ۾ ڪي به اختلاف ناهن ۽ نه ئي حڪومت ڪيڏانهن وڃي رهي آهي. فواد چوڌري پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اسان جو اتفاق راءِ آهي ته پاڪستان ۾ جيڪڏهن جمهوري نظام کي ڪامياب ٿيڻو آهي ته عمران خان جي ڪاميابي ضروري آهي. اوهان پاڻ ڏسو ته اسان سان گڏ آزاد ٿيندڙ ملڪ ڪٿي بيٺا آهن اوهان کي پاڻ ئي احساس
ته ان عرصي ۾ اسان ڇا وڃايو ۽ ڇا حاصل ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته عوام کي ٻڏتر جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي، عيد پنج جون تي ئي ٿيندي. مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي به ساڳيو ئي فيصلو ڪندي. ماضي ۾ ڇتن تي وڃي ۽ هاڻي موبائيل ايپ ڊائون لوڊ ڪري ڪمري ۾ ويهي چنڊ ڏسي سگهجي ٿو.فواد چوڌري چيو ته جنهن به اداري جو جائزو وٺون ٿا ته خبر پئي ٿي ته هتي پنهنجا نوازيو پاليسي ۽ سفارش ڪلچر سبب ميرٽ جو جنازو ڪڍيو ويو آهي. اهڙي تباهي سبب ادارا مڪمل طور تباهه ٿي ويا آهن ۽ تباهه ٿيل شيءَ کي هڪ ٻن سالن ۾ ٺيڪ نٿو ڪري سگهجي. وزيراعظم ملڪ کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. اسان سڀئي سندس ساٿ ڏئي رهيا آهيون.