اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو آهي ته آئين ۽ قانون کي ڏٺو ته عدليه خلاف پروپئگنڊا شروع ٿي وئي. سي آءِ اي جو ايجنٽ ڪوٺي ڀارتي شهه تي ڪم ڪرڻ جا الزام لڳايا ويا، چيو ويو ته اها ففٿ جنريشن وار آهي. سُپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جي سربراهيءَ ۾ جُڙيل 3 رُڪني بئنچ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت ۾ واڌ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. جنهن دوران موجوده صورتحال تي سوشل ميڊيا تي هلندڙ مهم جو به ذڪر ٿيو. چيف جسٽس آصف سعيد کوسه ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان آئين ۽ قانون کي ڏٺو ته اسان جي خلاف پروپئگنڊا شروع ٿي وئي، اهو به چيو ويو ته ٽئي جج سي آءِ اي جي ايجنٽ آهن، الزام هنيا ويا ته اسان ڀارت جي شهه تي ڪم ڪري رهيا آهيون. اهو به چيو ويو ته هي ففٿ جنريشن وار آهي. اسان کي پڇڻو پيو ته ففٿ جنريشن وار ڇا آهي؟