سوشل ميڊيا تي پابندي نه لڳائينداسين پر قانون تي عمل لازمي آهي: چوڌري نثار

اسلام آباد (بيورو): وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته ڪميٽي جي متفقه تجويز ڪيل سفارشن تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي، ڪالهه پي بي اي جي سينئر ميمبرن کي دعوت ڏني هئي، هن چيو ته ميڊيا سان جڙيل معاملن/، پيشيوراڻن، انتظامي، مالي معاملن تي سٺي گڏجاڻي ٿي، سڀني جو نڪته نظر هيو ته ڪميٽي کي سفارشون اي پي اين ايس کي نه موڪلڻ گهربيون هيون، گهرو وزير چيو ته سينئر صحافين سان گهڻن معاملن تي ڳالهيون ٿيون، منهنجو خيال آهي ته گڏجي سفارشون اڳتي کڻي هلون ٿا، قومي سلامتي بابت ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ تي اتفاق ٿيو، سوشل ميڊيا تي ڪو به پنهنجي يا ڪنهن جي نالي سان اڪائونٽ بڻائي جيڪو مرضي لکي سگهي ٿو، حڪومت هجي يا اپوزيشن سڀني لاءِ رولز آهن، پر سوشل ميڊيا تي احتساب ناهي، سوشل ميڊيا سان پبلڪ راءِ بڻجندي آهي، سوشل ميڊيا تي وڏي انگ ۾ توهين آميز مواد سامهون آيو، سوشل ميڊيا تي توهين مذهب جي مواد تي ڳالهائڻ لاءِ لفظ ناهن، سوشل ميڊيا هڪ غير منظم تصور آهي، جيڪو مواد سوشل ميڊيا تي موجود هيو، منهنجي وهم گمان ۾ به نه هيو، گذريل 2 هفتن کان پاڪ فوج بابت تذليل جوڳيون پوسٽون سامهون آيون،چوڌري نثار چيو ته هر اداري جا فائدا هوندا آهن، پر سوشل ميڊيا جا ناهن، سوشل ميڊيا جي پهچ پري تائين هوندي آهي، جڏهن گهڻو مواد سوشل ميڊيا تي آيو ته وزيراعظم مون کي تدارڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي، شوشل ميڊيا تي ڪا پابندي ناهي لڳائي، هن چيو ته پاڪستان جي آئين ۽ قانون تي سوشل ميڊيا جا حملا ٿيا آهن، اسان پاڪستان جي مستقبل جي جنگ وڙهي رهيا آهيون، فوج جانين جو نذرانو ڏئي رهي آهي، ڪو پاڪستاني پنهنجي فوج جي باري ۾ اهڙيون پوسٽ نٿو رکي سگهي، پوسٽن بابت 27 آءِ ڊيز جو پتو لڳايو ويو، گستاخاڻي مواد خلاف ڪارروائي تي پوسٽون نه هئڻ برابر رهجي ويون، اظهار جي آزادي جي راءِ جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا، ڪا پابندي نه هوندي، اظهار جي آزادي جا ماما چاچا نه بڻجو، عمران سڃاڻپ ڪري، ن ليگ جي ڪنهن شخص فوج يا عدليه خلاف پوسٽ رکي هجي ته پڪڙينداسين، هن چيو ته نامناسب پوسٽ رکندڙن جي ليپ ٽاپ جا فارنزڪ ٽيسٽ ڪيا ويندا، چوڌري نثار چيو ته ڀارت، سريلنڪا، يورپ جي ايس او پيز موجب تبديليون هتي به آڻينداسين، سوشل ميڊيا تي ڪجهه ايس او پيز اتفاق راءِ سان طئي ڪيا ويندا، سوشل ميڊيا تي پوسٽون بي نالي يا ڪنهن ٻئي نالي سان نه هجڻ گهرجن، پاڪستان مان اپ لوڊ ٿيندڙ پوسٽن جي ذميدارن کي گهرائي رهيا آهيون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *