سوشل ميڊيا تي آءِ ايس پي آر سان منسوب پيغام هلايا پيا وڃن: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (م ڊ): آءِ ايس پي آر چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي آءِ ايس پي آر سان منسوب غلط پيغام هلايا پيا وڃن، آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سوشل ميڊيا تي آءِ ايس پي آر جي نالي سان غلط پيغام هلايا پيا وڃن، جن ۾ ڪوڙن خطرن جي وارننگ، ايمرجنسي رابطا نمبر ڏنا پيا وڃن، آءِ ايس پي آر موجب آءِ ايس پي آر سمورا رابطا سرڪاري ويب سائيٽ، سوشل ميڊيا اڪائونٽس تان ڪندو آهي، آءِ ايس پي آر واٽس ايپ ذريعي ڪجهه شيئر ناهي ڪندو، ترجمان وڌيڪ چيو ته ڪنهن به معلومات لاءِ آءِ ايس پي آر جي ويب سائيٽ سوشل ميڊيا اڪائونٽس سان تصديق ڪئي وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *