اسلام آباد (م ڊ) گهرو وزارت جي تڪراري نوٽيفڪيشن تي وزيراعظم جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، اطلاعات واري وزير فواد چوڌري جمعي رات گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل هڪ تڪراري نوٽيفڪيشن جي تصديق ڪنديچيو ته سرڪيولر بلڪل جاري ٿيو آهي ان لاءِ وزيراعظم جاچ جو حڪم ڏنو آهي ته سرڪيولر ڪيئن جاري ٿيو، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو هو ته سعودي عرب کي بدنام ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي مهم ٿيندڙ عنصر ملوث آهن، بي بي سي طرفان ڪيل سوال تي اطلاعات واري وزير چيو ته مسئلو هڪ فرقي جي ماڻهن جي نشاندهي بابت هو. گهرو وزارت جي ڄانايل سيڪشن آفيسر انتهائي غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو، شيعا برادري جو ذڪر نه ڪرڻ گهربو هو.