سوئي سدرن ۽ ناردرن گئس جي قيمتن ۾ اضافي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( بيورو ) سوئي ناردرن ۽ سدرن ايندڙ مالي سال کان گئس جي اگهن ۾ اضافي جو مطالبو ڪري ڇڏيو.  ذريعن موجب ٻنهي گئس ڪمپنين پهرين جولاءِ کان قيمت وڌائڻ جي درخواست آئل اينڊ گئس ريگوليٽري کي موڪلي ڇڏي آهي. سوئي ناردرن طرفان گئس جي سراسري قيمت ۾ 144 سيڪڙو في ايم ايم بي ٽي يو اضافي جي درخواست ڪئي وئي آهي جنهن تحت 501 رپيه في ايم ايم بي ٽي يوسي وڌائي 1224 رپيه ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب گهريلو صارفين کي ايل اين جي فراهمي جي منتقلي جا خرچ به درخواست ۾ شامل آهن ۽ سوئي ناردرن روينيو خساري جي مد ۾ به 438 رپيه في ايم ايم بي ٽي يو شامل ڪيا ويا آهن. ٻئي طرف سوئي سدرن به ايندڙ مالي سال لاءِ گئس جي سراسري قيمت ۾ 18 سيڪڙو اضافي جو مطالبو ڪيو آهي.  سوئي سدرن اوگرا کي موڪليل پنهنجي درخواست ۾ سراسري قيمت 591 رپيه 67 پئسا مان وڌائي 698 رپيه ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.  ذريعن موجب اوگرا ٻنهي ڪمپنين جي درخواستن تي ٻڌڻي بعد پنهنجي فيصلي کان پئٽروليم ڊويزن کي آگاهه ڪندي جنهن بعد گئس قيمتن ۾ تبديلي جو فيصلو وفاقي سرڪار ڪندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *