برن (م ڊ) پاڪستاني شهرين جي سوئس بينڪن ۾ رکيل رقم ۾ 3 سالن دوران گهٽتائي واقع ٿي آهي ۽ هاڻ اها رقم سڀ کان گهٽ سطح تي اچي وئي.سوئس بينڪ جي سالياني رپورٽ موجب پاڪستاني ڪاروباري ادارن ۽ شهرين جي بينڪن ۾ رکيل رقم ۾ 33 سيڪڙو گهٽتائي واقع ٿي آهي جيڪا 2018ع ۾ گهٽ ٿي 744 ملين سوئس فرانڪ رهجي وئي.رپورٽ موجب سوئس بينڪن ۾ پاڪستاني شخصيتن جي ر کيل رقم ۾ 2017 ۾ 20 سيڪڙو ۽ 2016 ۾ ڇهه سيڪڙو گهٽتائي آهي جڏهن ته ان کان اڳ 2015ع ۾ ان رقم ۾ 16 سيڪڙو واڌ ٿي هئي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گذريل 3 سالن دوران اهو پهريون موقعو آهي جو سوئس بينڪن ۾ ڀارت جي مقابلي ۾ پاڪستانين جو پئسو گهٽ رهجي ويو، بينڪن ۾ پاڪستانين جا 63 بلين روپيا ۽ ڀارتي شخصيتن جا 95 بلين روپيا پيل آهن. رپورٽ ۾ ان باري ۾ ڪابه راءِ نه ڏني وئي ته ڇا اهي فنڊز غير قانوني ذريعن سان حاصل ڪيا ويا هئا جڏهن ته سوئس نيشنل بينڪ انگن اکرن ۾ اها رقم شآمل نه ڪئي جيڪا سوئس بينڪن جي پرڏيهي ڪلائنٽس شيل ڪمپنين جي نالي تي رکندا آهن.