سنگين غداري ڪيس ٻڌندڙ خاص عدالت جي جوڙ جڪ ڪالعدم قرار ڏيڻ جو فيصلو چئلينج

لاهور (م ڊ)سنگين غداري ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي موت جي سزا ٻڌائيندڙ خاص عدالت جي جوڙ جڪ کي غير آئيني قرار ڏيڻ جي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي سپريم ڪورٽ ۾ راولپنڊي بار جي اڳوڻي صدر توفيق آصف ايڊووڪيٽ حامد خان ذريعي لاهور هاءِ ڪورٽ جي 13 جنوري جي فيصلي خلاف درخواست داخل ڪرائي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته لاهور هاءِ ڪورٽ کي خاص عدالت جي جوڙ جڪ جي درخواست تي ٻڌڻي جو اختيار نه هو، عدالت عاليا پنهنجي فيصلي ۾ 18هين آئيني ترميم جي ترميم ٿيل آرٽيڪل 6 جي صحيح تشريح نه ڪئي ۽ ان جي حڪم ۾ آرٽيڪل 6، جنهن کي آئين ۾ خاص اهميت حاصل آهي، کي غير اثرائتو ڪيو ويو آهي.درخواست گذار موجب پرويز مشرف 2016 کان مفرور آهي ۽ ان ئي سبب سندس غير موجودگي ۾ ٽرائل هلائڻ جو حڪم ڏنو ويو.سندس چوڻ هو ته پرويز مشرف کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جا ڪيترائي موقعا ڏنا ويا پر هو پيش نه ٿيو هو، هاءِ ڪورٽ عدم موجودگي ۾ ٽرائل ڪرڻ جي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي سوال نٿي اٿاري سگهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *