سنگاپور(م ڊ) سنگاپور ايئرلائن دنيا جي سڀ کان ڊگهي فلائٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن جي شروعات 11 آڪٽوبر کان ٿيندي.
خابرو اداري موجب سنگاپور کان نيويارڪ تائين اها سڀ کان ڊگهي فلائٽ قريبن 15 هزار 3 سئو ڪلوميٽر فاصلو طئه ڪندي ۽ هن وقت دنيا جي سڀ کان ڊگهي اڏام ڪندڙ قطر ايئر لائن کان اڳتي نڪري ويندي.
ياد رهي ته قطر ايئر ويز جي سڀ کان ڊگهي فلائٽ جو فاصلو ساڍا 14 هزار ڪلوميٽر آهي.
سنگاپور ايئرلائن جي ان سروس ۾ 67 بزنس ڪلاس ۽ 94 پريميئم اڪانومي ڪلاس جون سيٽون موجود هونديون.
مڪمل سروس شروع ٿيڻ کانپوءِ اها فلائٽ روزاني جي بنياد تي سروس فراهم ڪندي.