ڪراچي (هه آ) ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ 70 سيڪڙو گيس ۽ 42 سيڪڙو تيل پيدا ڪندڙ واحد صوبو آهي، ملڪ جي توانائي بحال ڪرڻ جو حل صرف سنڌ ۾ آهي. هن اها ڳالهه اڄ مقامي هوٽل ۾ ورلڊ بينڪ پاران منعقد ڪيل ”پاڪستان سولر اينڊ رينيوايبل انرجي پروگرام“ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪئي. سيمينار جي صدارت وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، جڏهن ته پروگرام جو ميزبان ورلڊ بينڪ جو ڪنٽري ڊائريڪٽر پيتچاموٿو الانگوا ڪئي ۽ چيئرمين رٿابندي ۽ ترقي محمد وسيم آرگنائيزر هو. سيمينار جي شرڪت ڪندڙن کي صوبائي توانائي واري سيڪريٽري آغا واصف سنڌ ۾ رينيوايبل انرجي يعني شمسي ۽ هوا مان تيار ٿيندڙ بجليءَ جي صلاحيتن بابت آگاهي ڏني. انهيءَ کانپوءِ ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر پيتچاموٿو الانگوا ورڪشاپ کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي سربراهيءَ ۾ 2013ع ۾ سنڌ انرجي ڊپارٽمينٽ قائم ٿيو. هن چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي جنهن رينيواايبل انرجي پروجيڪٽ لاءِ زمين مختص ڪئي آهي. هن چيو ته گهارو ۽ جهمپير ونڊ ڪاريڊور ۾ ونڊ انرجي جا 15 منصوبا 785 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهن ۽ وڌيڪ 450 ميگاواٽ جي 9 منصوبن تي ڪم جاري آهي.