ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اپوزيشن اڳواڻ فردوس شميم نقوي چيو آهي ته سنڌ ۾ 95 سيڪڙو اسڪولن جي حالت خراب آهي، ايس ٿري رٿا 2004 ۾ شروع ٿيو الائي ڪڏهن مڪمل ٿيندو، ساڳي ريت ڪي فور رٿا به رليل آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي فردوس شميم چيو آهي ته ٿر جي 17 لک جي آبادي ۾ 73 سيڪڙو ٻارن جي واڌ ويجهه ئي نه ٿي ٿئي. هن چيو آهي ته اين آئي سي وي ڊي پوري ملڪ جو ادارو آهي جنهن کي وفاق ٺاهيو، ارڙهين ترميم کان پوءِ صحت جو شعبو صوبن کي منتقل ٿيو. هن چيو آهي ته اسپتالون اسان واپس ناهن ڪيون، ڪجهه ماڻهو پاڻ عدالت ويا ۽ ڪورٽ وفاق جي حق ۾ فيصلو ڏنو ان ۾ اسان جو ڪهڙو ڏوهه آهي. هن چيو آهي ته ڪراچي هڪ کير ڏيندڙ ڳئون آهي، جنهن کي ڪُٺو پيو وڃي، ڪي فور منصوبي جو ڪم نومبر 2018ع ۾ ان لاءِ بند ڪيو ويو ته جئين ان جي ڪينال کي ويڪرو ڪيو وڃي. هن چيو آهي ته سنڌ جي اسڪولن ۽ ڪنهن به ڪاليج ۾ صفائي لاءِ جمعدار ڀرتي ٿيل ناهن، سنڌ ۾ 88 سيڪڙو ڊراپ آئوٽ ريشو آهي، گهوٽڪي ضلعي ۾ 38 شاگردن لاءِ هڪ استاد آهي. هن چيو آهي ته سنڌ ۾ هڪ لک 75 هزار شاگرد سرڪاري يونيورسٽين ۽ 90 هزار خانگي يونيورسٽين ۾ پڙهن ٿا ۽ سنڌ جا ماڻهو تعليم لاءِ اسلام آباد جو رخ ڪن ٿا. هن چيو آهي ته 410 اسڪيمن مان 190 اسڪيمن تي ڪم نه ٿيڻ ڪري اهي اسڪيمون مڪمل ناهن ٿيون، هي آهن اسڪيمن جا انگ اکر، هاڻي حساب ڪيو، پر گڏھ حساب نٿا ڪري سگهن . فردوس شميم چيو آهي ته آبپاشي، تعليم، لوڪل گورنمينٽ ۽ ٻين کاتن جو به ساڳيو حال آھي، اسڪيمون دير ٿيڻ ڪري مڪمل نه ٿي سگهيون آھن. هن چيو آهي ته سنڌ جي ٻھراڙين ۾ ڇوڪرين جي تعليم جو شرح 26 سيڪڙو آھي جيڪو گهٽجي 25. 7 سيڪڙو ٿي ويو جنهن ڪري اسان سنڌين جا ڪنڌ شرم وچان جهڪي وڃن ٿا.