سنڌ ۾ 6 هزار استاد ڀرتي ڪرڻ جي منظوري، ڀرتيون ميرٽ تي ڪيون وينديون:وڏو وزير
February 8, 2017 at 10:47 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ حڪومت، صوبي ۾ استادن جي مقررين ۽ بدلين تي پابندي لاڳو ڪندي2 هزار بند پيل اسڪول کولرائڻ ۽ 6 هزار استاد ڀرتي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته ڀرتيون ميرٽ تي ڪيون وينديون، ڪا به سوديبازي نه ٿيندي،رڳو اسڪول کولرائڻ ڪافي ناهن اتي تعليمي سرگرميون به هجڻ گهـُرجن. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ تعليم کاتي بابت اجلاس جنهن ۾ سيڪريٽري تعليم کاتي بابت بريفنگ ڏني. سيڪريٽري موجب سنڌ ۾5 هزار 384 اسڪول بند هئا جن مان 4 هزار 123 کولرائڻ جي قابل آهن، وڏي وزير جي هدايتن ۽ مدد سان ٻن مهينن ۾ 1261 بند پيل اسڪول کولرايا ويا آهن. وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته هن وقت تعليم کاتي ۾ 26 هزار آساميون خالي آهن. اجلاس دوران وڏي وزير مراد علي شاهه تعليم کاتي کي مارچ تائين 2 هزار بند پيل اسڪول کولرائڻ جو ٽارگيٽ ڏيندي 6 هزار استاد ڀرتي ڪرڻ جي منظوري ڏني. وڏي وزير چيو ته رڳو اسڪول کولرائڻ ڪافي ناهن، اتي تعليمي سرگرميون به هجڻ گهـُرجن، رپورٽون آهن ته ڪيترائي اسڪول بنيادي سهولتن کان محروم آهن هـُو چاهي ٿو ته اسڪولن کي سهولتون ڏئي تعليمي ماحول بهتر بڻايو وڃي. وڏي وزير استادن جي مقررين ۽ بدلين تي پابندي لڳائيندي چيو ته جن اسڪولن ۾ استادن جو انگ وڌيڪ آهي اتان استادن کي انهن اسڪولن ۾ موڪليو وڃي جتي کوٽ آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه، وڌيڪ 6 هزار استاد ڀرتي ڪرڻ جي منظوري ڏيندي چيو ته استادن جي ڀرتي ميرٽ تي ڪئي ويندي،ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي. وڏي وزير سنڌ ڪيريڪيولم اٿارٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪندي تعليم کاتي کي اٿارٽي لاءِ ڊرافٽ بل ٺاهڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته چيو ته نصاب کي جديد ۽ موجوده گهـُرجن موجب بڻايو ويندو. مراد علي شاهه چيو ته ڪيريڪيولم اٿارٽي نصاب کي ٺاهڻ ۽ ان موجب استادن جي ٽريننگ ڪرائڻ جي پابند هوندي.