سنڌ ۾ 2011ع کان هيل تائين 4 هزار 214 ماڻهو گُم ٿيڻ جو انڪشاف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ 2011ع کان هيل تائين 4 هزار 214 ماڻهو گُم ٿيڻ جو انڪشاف، آءِ جي سنڌ ۽ گهرو سيڪريٽري سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گُم ٿيل ماڻهن بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ رپورٽ پيش ڪري ڇڏي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هيل تائين 3 هزار 609 ماڻهن جو پتو لڳايو ويو آهي، 605 ماڻهن جو اڃا تائين ڪوبه پتو ناهي پيو، رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ڪراچي مان 570 ماڻهن کي کنڀي گُم ڪيو ويو، حيدرآباد ۾ 20، سکر ۽ لاڙڪاڻو ۾ 7-7 ماڻهن جي جبري گمشدگي رپورٽ ٿي آهي، ميرپور خاص ۾ هڪ شهري کي کنڀي گُم ڪيو ويو، رپورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جا 605 ڪيس التوا جو شڪار هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.ماڻهو لاپتا آهن، پوليس ڇا ڪري رهي آهي؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان کنڀي گُم ڪيل شهرين جي عدم بازيابي تي آءِ جي سنڌ ۽ گهرو سيڪريٽري مٿان ڪاوڙ جو اظهار، عدالت پوليس جي ڪارڪردگي رپورٽ کي رد ڪندي چيو آهي ته هڪ ڪيس ۾ ڪيتريون ئي جي آءِ ٽيز ٺهيون، پر ڪوبه نتيجو نه نڪتو، جي آءِ ٽيز جو به ڪو فائدو نه ٿيو آهي، عدالت آءِ جي سنڌ ۽ گهرو سيڪريٽري کي گُم ٿيل ماڻهن بابت ٻن هفتن ۾ اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٻڌڻي دوران عدالت سنڌ حڪومت ۽ رينجرز جي وڪيلن کي به ڇنڊ ڪڍي، جسٽس نذر اڪبر ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته پوليس ۽ رينجرز ذميواريون پوريون ڪرڻ بدران پاڻ ۾ وڙهي رهيون آهن، ٻڌڻي دوران گُم ٿيل ماڻهن جي وارثن جون دانهون ۽ شڪايتون ٻڌي عدالتي احاطي ۾ موجود ماڻهو روئڻهاڪا ٿي ويا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *