سنڌ ۾ 20-20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ پئي ٿئي، حق وٺڻ ڄاڻون ٿا: مراد علي شاهه

ڪراچي (م ڊ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ 20-20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ پئي ٿئي، لوڊشيڊنگ سنڌ جي ماڻهن سان زيادتي آهي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته آئين چوي ٿو ته جنهن صوبي ۾ گئس پيدا ٿئي ٿي، پهريون حق ان جو آهي، سنڌ سان اهڙو سلوڪ ڪيو ويو ته سراپا احتجاج بڻجي وينداسين، هن چيو ته اسان پنهنجو حق وٺڻ ڄاڻون ٿا، سخت گرميءَ ۾ 20-20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جيڪا سنڌ جي عوام سان سراسر ظلم آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *