سنڌ ۾ گورنر راڄ نه لڳندو،ڪو به غير آئيني ڪم برداشت نه ڪيو ويندو:ناصر حسين شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ اطلاعات، مڪاني ادارن، ٻيلن ۽ جھنگلي حيات، مذهبي معاملن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ چيو آهي ته اسان پي ٽي آئي جي گورنر راڄ لڳائڻ جي مطالبي جي پرزور مذمت ڪيون ٿا هن چيو ته سنڌ حڪومت تي الزام لڳايو ويندو آهي ته هن هر شعبو خراب ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان کي بنياد بڻائي سنڌ ۾ گونرن راڄ لڳائڻ جي ڳالھ ڪئي پئي وڃي جڏهن ته حقيقت ۾ ائين ناهي سنڌ ۾ هر شعبي ۾ رڪارڊ ترقي ٿي آهي ۽ اهي نٿا چاهين ته سنڌ ۾ وڌيڪ ترقي ٿئي ان ڪري چونڊيل حڪومت کي هٽائي گونرن راڄ لڳائڻ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن سيد ناصر حسين شاھ چيو ته ائين ڪرڻ آسان ناهي ۽ اهي ماڻهون فقط ڀڙڪيون هڻندا آهن ۽ جيڪڏهن ائين ڪيون ته کين خبر پئجي ويندي ته ان جا ڪهڙا نتيجا نڪرن ٿا ڇو ته عوام پنهنجي چونڊيل حڪومت سان گڏ بيٺو آهي ۽ ڪو به غير آئيني ڪم برداشت نه ڪيو ويندو. سيد ناصر حسين شاھ چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي من عن عمل ڪيو ويندو ۽ سپريم ڪورٽ جو جيڪو به فيصلو آيو آهي ان تي بحث مناسب ناهي ۽ نه ئي ان تي ڪو به تبصرو ڪرڻ گھرجي. هن چيو ته سنڌ حڪومت 26 فيبروري تي پهريون ڪيس ايندي ئي پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي ماهرن تي لاڳاپيل هڪ ٽاسڪ فورس جوڙي هئي جنهن ۾ صحت جي شعبي سميت هر شعبي جا ماهر شامل هئا. ۽ بين الاقوامي معيار جي مطابق ۽ WHO جي هدايتن تي عمل ڪندي لاڪ دائون جو فيصلو ڪيو ويو جنهن کي بعد ۾ پوري ملڪ ۾ لاڳو ڪيو ويو هن چيوته اهي نهايت مشڪل فيصلا هئا. پر اسان جو شروع ڏينهن کان فوڪس عوام جي صحت تي هو جنهن تي اسان ڪو به سمجھوتو نٿا ڪرڻ چاهيون ان ڪري اسان کي اهي مشڪل فيصلا ڪرڻا پيا جيڪي وقت جي ضرورت هئا ۽ پوري دنيا ۾ ان فيصلن جي تعريف ڪئي وئي ۽ انهن جي حوصلا افزائي به ڪئي وئي. پر اسان جي پارٽي جي پاليسي آهي ۽ اسان کي اسان جي پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو پاران به هدايت آهي ته اسان کي هر قومي مسئلي تي سڀني سان گڏجي هلڻو آهي ۽ وفاقي حڪومت کي سپورٽ ڪرڻو آهي ان ڪري اسان ابتدا کان ئي اهو چئي رهيا آهيون ته ان ڪرونا جي عالمي وبا جي سلسلي ۾ هڪ قومي پاليسي جوڙي وڃي وزير اعظم صاحب کي ان معاملي کي اون ڪرڻ گھرجي ته جيئن پوري ملڪ جو هڪ رخ هجي پر بدقسمتي سان جڏهن وفاق سان اجلاس ۾ هڪ ڳالھ طئي ٿي ويندي آهي ته ان تي انهن جا وزير ۽ مشير سنڌ صوبي تي تنقيد ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *