اسلام آباد ( بيورو ) چيف جسٽس ثاقب نثار حڪومت طرفان 172 ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته رپورٽ جي بيناد تي حڪومت ڪيرائڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، جيڪڏهن گورنر راڄ لاڳو ڪيو ويو ته اڏائڻ ۾ هڪ منٽ لڳندو. سپريم ڪورٽ ۾ جعلي اڪائونٽن ذريعي مني لانڊرنگ جي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته 172 ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي معاملي تي حيرت ٿي آهي ته ڪئين نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا، وفاقي سرڪار ان جي ڪئين وضاحت ڪندي. چيف جسٽس چيو ته اسان جوابدارن کي جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ جواب داخل ڪرڻ جو چيو ۽ حڪومت سندن نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا. چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت جي آءِ ٽي جي اڃا منظوري نه ڏني آهي، سموري ڪابينا ۽ وڪيل جي آءِ ٽي رپورٽ تي تبصرا ڪري رهيا آهن، سموري معاملي سان ان جو ڪهڙو واسطو آهي، رپورٽ جي بنياد تي حڪومت ڪيرائڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. هن چيو ته وزير رات جو ٽي وي تي ويهي پنهنجي ڪارڪردگي ٻڌائي رهيا آهن، سمورا سياستدان ٻڌي ڇڏين، اسان قانون ٺاهي اسيمبلين ۾ موڪليا آهن. سندس چوڻ هو ته جي آءِ ٽي هڪ چٺي لڳي ته ڪنهن ان تي ذهن استعمال نه ڪيو، جي آءِ ٽي ڪا آسماني لکت ناهي، گورنر راڄ لڳو ته آئين تحت لڳندو ۽ ڪنهن گورنر راڄ لاڳو ڪيو ته اڏائڻ ۾ هڪ منٽ لڳندو. عدالت جي طلب ڪرڻ تي ممڪلتي گهرو وزير شهريار آفريدي پيش ٿيو ته کيس مخاطب ٿيندي چيف جسٽس چيو ته خبردار ڪنهن آئين کان ٻاهر هڪ به قدم کنيو آهي، مسٽر گهرو وزير وڃي پنهنجي وڏن کي ٻڌايو ملڪ رڳو آئين تحت هلندو، اسان ته تڏهن به جمهوريت کي پٽڙي تان لهڻ نه ڏنو جڏهن خدشا هئا.