نوشهروفيروز (رپورٽر) پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ کي غلط عمل نٿو سمجهان، پ پ حڪومت جي ڪرپشن سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. نوشهروفيروز ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو آهي ته عذير بلوچ، نثار مورائي ۽ بلديه سانحي بابت اصل جي آءِ ٽيز اڳ ۾ ئي منظرعام تي اچي چڪيون جنهن ۾ پ پ اڳواڻن جا ڪرتوت ظاھر ٿيا آهن. هن چيو آهي ته سنڌ سرڪار طرفان سڀاڻي جيڪي جي آءِ ٽيز پڌريون ڪيون وينديون اهي جعلي هونديون. نوشهروفيروز ۾ سرڪاري اسڪول جي دوري بعد هن چيو آهي ته اسڪولي عمارتون تعليم بدران ڪرپشن مافيا لاءِ تعمير ڪرايون وڃن ٿيون. نوشهروفيروز ۾ به لکين رُپين جو اسڪول تعمير ڪيو ويو، پر اُتي تعليم ڏيڻ بدران اسڪول کي مافيا حوالي ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو آهي ته سنڌ جي اسپتالن جي حالت انتهائي خراب آهي، عوام کي دوائون ۽ علاج جون سهولتون نٿيون ملن ۽ لاش کڻڻ لاءِ ايمبولينسز به ناهن. هن چيو آهي ته سنڌ جي ڪرپٽ حڪومت کي هاڻي گهر وڃڻ گهرجي، پ پ حڪومت نه وئي تي اسان پاڻ گهر ڀيڙو ڪنداسين، اهڙي ڪرپٽ حڪومت جي رهڻ جو ڪو به جواز ناهي.