سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 8 مريض فوت ٿي ويا آهن:وزيراعليٰ سنڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 8 مريض فوت ٿي ويا آهن، انگ وڌي 130 ٿي ويو آهي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 3032 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن، سنڌ ۾ مجموعي طور ٽيسٽ ڪيل ماڻهن جو انگ 64 هزار 52 آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ اڄ وڌيڪ 363 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي، هن چيو ته ماڻهو گهرن تائين ڪو نه ٿا ويهن، ڪيسز تيزي سان وڌي رهيا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *