ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ گئس جي بدترين بحران تي سنڌ سرڪار جو شديد ردعمل، سنڌ سرڪار جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته وفاقي سرڪار سنڌ ۾ هر هر آئين جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي، سنڌ کي ان جي حصي جي گئس نه ٿي ڏني وڃي. هن چيو ته ملڪ ۾ 70 سيڪڙو گئس سنڌ صوبو پيدا ڪري ٿو، ڪراچي ملڪ جو معاشي حب آهي پر هتي گئس نه ٿي ملي. مرتضيٰ وهاب چيو ته صنعتون، ٽرانسپورٽ ۽ گهريلو واهپيدار گئس جي بندش کي منهن ڏئي رهيا آهن. لڳي ٿو تحريڪ انصاف کي تبديلي لاءِ نه تباهي لاءِ ووٽ مليو آهي. هن چيو ته 15 مهينن ۾ جيڪا تباهي برپا ڪئي وئي، اها عوام جي سامهون آهي. گهرن ۾ گئس ناهي، اگهن ۾ 200 سيڪڙو واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.