ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ گئس جي بدترين لوڊشيڊنگ تي وزيراعظم کي خط لکي ڇڏيو.سيد مراد علي شاهه وزيراعظم عمران خان کي خط لکي سندس ڌيان سنڌ ۾ گئس جي بدترين لوڊشيڊنگ ڏانهن ڇڪايو آهي.وڏي وزير چيو آهي ته سنڌ ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ غير قانوني آهي، آئين تحت اڳ ۾ سنڌ کي گئس فراهم ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم قانون تي عمل ممڪن بڻائي.خط ۾ متن موجب بدقسمتي سان جنهن صوبي ۾ 68 سيڪڙو گئس پيدا ٿي رهي آهي، ان ئي صوبي جا گهريلو ۽ صنعتي واهپيدار گئس کان محروم آهن.سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته گئس جي گهريلو بندش سبب کاڌي پيتي جي تياري ۽ ٻيا معاملا متاثر ٿي رهيا آهن، جڏهن ته صنعتن جي گئس پريشر ۾ گهٽتائي سبب روز جي بنياد تي اجرت ڪمائيندڙ طبقو به پريشان آهي.خط جي متن موجب سنڌ مان 2500 کان 2600 ايم ايم سي ايف ڊي گئس پيدا ٿي رهي آهي ۽ صوبي کي رڳو 900 کان 1000 ايم ايم سي ايف ڊي گئس ڏني پئي وڃي، جيڪا آئين جي آرٽيڪل 158 جي ڀڃڪڙي آهي، سنڌ کي 1500 کان 1600 ايم سي سي ايف ڊي گئس جي گهرج آهي.کان وڌيڪ گئس پيدا ڪرڻ باوجود سنڌ جو عوام گئس بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي، صوبي اندر 12 کان 18 ڪلاڪ گئس جِي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، وزيراعظم گئس بحران جو جلد حل ڪڍَي.