سنڌ ۾ ڪڻڪ ذخيرو ڪرڻ جي سهولت وڌائڻ جي ضرورت آهي؛ نثار احمد کهڙو
August 5, 2017 at 8:41 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي( هه آ) سنڌ جي خوراڪ واري سينئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙي ڪڻڪ ذخيرو ڪرڻ جي سهولت کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي ته صوبي ۾ ڪڻڪ جي اسٽوريج جي گنجائش گھٽ آهي جنهن ڪري ڪڻڪخراب ۽ ضايع ٿيڻ جو امڪان رهي ٿو. اها ڳالھ هن فوڊ فورٽيفائيڊ پروگرام جي چئن ميمبر تي ٻڌل وفد سان سنڌ اسمبلي جي ڪاميٽي روم ۾ هڪ اجلاس ۾ ڪئي. ان موقعي تي سماجي ڀلائي بابت وزير اعليٰ سنڌ جي صلاحڪار شميم ممتاز به موجود هئي. وفد ۾ ايف ايف پي جي ٽيم ليڊر ڊيانا نارٿ وي، هيلٿ اسپيشلسٽ ليوس پالمر، ڊائريڪٽر ٽيڪنيڪل ڊاڪٽر توصيف جنجوعا ۽ ايڊووڪيسي مئنيجر ليلا رباب جسڪاڻي شامل هئا. صوبائي وزير چيو ته حڪومت هر سال فلور مل مالڪن سميت خانگي شعبي کي ڪڻڪ اسٽوريج جي ڏس ۾ ڳري رقم ادا ڪري ٿي. ذخيري جي گنجائش وڌائڻ سان وڏي رقم جي بچت ڪري سگھجي ٿي. صوبائي وزير چيو ته سنڌ ۾ خوراڪ جو معيار يقيني بڻائڻ لاءِ سنڌ فوڊ اٿارٽي جو قيام عمل ۾ آندو پيو وڃي ۽ تازو ئي سنڌ اسمبلي ۾ ان جو بل پاس ڪيو ويو آهي،جڏهن ته ان جا قائدا ۽ ضابطا جوڙڻ جو عمل جاري آهي جيڪو جلد مڪمل ٿي ويندو هن وفد کي يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت فوڊ فورٽيفائيڊ پروگرام ۾ ڀرپور سهڪار فراهم ڪندي. ان موقعي تي سماجي ڀلائي واري صوبائي صلاحڪار چيو ته ان پروگرام جي ڪاميابي لاءِ ضروري آهي ته مختلف اسٽيڪ هولڊرز جي سگھ وڌائڻ لاءِ تربيتي پروگرام ترتيب ڏنا وڃن. ان کان اڳ پروگرام بابت بريفنگ ڏيندي ڊائريڪٽر ٽيڪنيڪل ڊاڪٽر توصيف جنجوعا ٻڌايو ته سندن تنظيم يوڪي ايڊ جي سهڪار سان پاڪستان ۾ 57 سيڪڙو آبادي کي فورٽيفائيڊ اٽي ۽ 70 سيڪڙو آبادي کي فورٽيفائيڊ کاڄرو تيل واپرائڻ تي ڪم ڪري رهي آهي. هن ٻڌايو ته پنجاب ۾ ان پروگرم جو آغاز ٿي چڪو آهي، جڏهن ته ڄاڻايل پروگرام سنڌ ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٺٽي ۾ ايندڙ ڪجھ مهينن ۾ شروع ڪيو ويندو ايندڙ مرحلي ۾ ان کي پوري صوبي ۾ وڌايو ويندو هن چيو ته پروگرام جي تحت خوراڪ جي معيار جي مانيٽرنگ لاءِ ادارن جي سگھ ۾ اضافو، معيار چيڪ ڪرڻ جو انفرااسٽرڪچر، مشينري جي فراهمي، ريسرچ ۽ فورٽيفائيڊ خوراڪ جي استعمال جي فائدن جي سلسلي ۾ شعوري پروگرام شروع ڪيا ويندا.