ڪراچي(بيورو) سنڌ جي خوراڪ واري کاتي لوور سنڌ ۾ 15 مارچ ۽ اپر سنڌ ۾ پهرين اپريل کان ڪڻڪ جي خريداري شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. خوراڪ واري سنيئير وزير نثار کهڙي چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪڻڪ خريداري جا 468 سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. هلندڙ سال ڪڻڪ خريداري جو هدف 12 لک ٽن رکيو ويو آهي. ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي نثاري کهڙي چيو ته ضرورت پوڻ تي خريداري جو هدف وڌايو ويندو جڏهن ته ڪڻڪ جي قيمت 13 سئو رپيا في مڻ مقرر ڪئي وئي آهي.هن چيو ته پراڻي ڪڻڪ نه پر رڳو نئين ڪڻڪ خريد ڪئي ويندي. سينٽر کلڻ بعد پهرين ئي هفتي ۾ 16 کان 20 ايڪڙ ايراضي وارن هارين کي سئو ٻوريون بارداڻو ڏنو ويندو جڏهن ته ننڍن هارين کان پوءِ وڏن هارين کي بارداڻو ڏنو ويندو. هن چيو ته بارداڻي جي شفاف ورهاست جي لاءِ ريجنل 7 ضلعي سطح تي ڪميٽيون قائم ڪيون ويون آهن. ڪميٽي ۾ ضلعي فوڊ ڪنٽرولر، اسسٽنٽ فوڊ ڪنٽرولر، آبادگار بورڊ جو نمائندو ۽ ٻيا شامل هوندا، بارداڻي جي لاءِ هڪ ڪروڙ 20 لک ٻوريون هارين ۾ ورهايون وينديون. هن وڌيڪ چيو ته 15 مارچ کان شروع ٿيندڙ مردم شماري جي عمل کي پٺيان لڪايو پيو وڃي، مردم شماري جي فارم جي عوام کي فوٽو ڪاپي فراهم ڪئي وڃي.