ڪراچي (اسٽاف رپورتر) سنڌ جي ماحوليات کاتي پهرين آڪٽوبر کان پلاسٽڪ جي استعمال، وڪري ۽ تياري تي پابندي لڳائيندي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.ماحوليات بابت مشهير بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ماحولياتي قانونن تحت پلاسٽڪ بيگ جي تياري، وڪرو ۽ استعمال سزا جوڳو جرم هوندو، پلاسٽڪ بيگ بابت قانونن جي ڀڃڪڙين تي قائدن تحت ڪيس داخل ڪيو ويندو ۽ قانون موجب گرفتاري ۽ سزا به عمل ۾ آندي ويندي.بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته ماحوليات کاتو پلاسٽڪ بيگ جي استعمال خلاف قانونن تي عمل ڪرائڻ جو پابند هوندو، پابندي سموري سنڌ ۾ لاڳو ٿيندي.هن چيو ته اسان کي پنهنجو ماحول صاف رکڻ لاءِ پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي استعمال کي ترڪ ڪرڻو پوندو.سندس چوڻ هو ته ماحولياتي ٽيمون مختلف مارڪيٽن جو معائنو ڪنديون، ڀڃڪڙي ڪندڙ ماڻهن خلاف ڪارروائي ٿيندي.